صدر آصف علي زرداري سان گڏيل عرب امارات جي ڀائيچاري ۽ گڏيل بقاءَ واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان جي ملاقات

ابوظهبي – 27 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڀائيچاري ۽ انساني اخوت جي حوالي سان قومي ويزن کي ساراهيندي مڪالمي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سان گڏيل عرب امارات جي ڀائيچاري ۽ گڏيل بقاءَ واري وزير شيخ نهيان …

ابوظهبي – 27 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڀائيچاري ۽ انساني اخوت جي حوالي سان قومي ويزن کي ساراهيندي مڪالمي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سان گڏيل عرب امارات جي ڀائيچاري ۽ گڏيل بقاءَ واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان ملاقات ڪئي. صدر ملاقات دوران ڀائيچاري ۽ گڏيل بقاءَ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ مڪالمي جي فروغ، شموليت ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي اهميت تي زور ڏنو ويو. صدر آصف علي زرداري شيخ محمد بن زايد النهيان جي دُور انديش قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي سندس ڀائيچاري ۽ انساني اخوت جي حوالي سان قومي ويزن کي ساراهيو. صدر 200 کان وڌيڪ قوميتن جي وچ ۾ اتحاد ۽ گڏيل احترام جي فروغ ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪاميابي کي سماجي هم آهنگي جو هڪ متاثر ڪندڙ نمونو قرار ڏنو. ان موقعي تي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير پڻ موجود هئا.

مزید خبریں