اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبر ضلعي جا قبائل سردين جي موسم ۾ لڏپلاڻ ڪندا رهندا آهن، خيبرپختونخواهه جا ترجمان ان حوالي بي بنياد بيان بازين ۾ مصروف آهن. دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، وزيراعظم جي خيبرپختونخواهه اطلاعات بابت ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير …
خيبر ضلعي جا قبائل سردين جي موسم ۾ لڏپلاڻ ڪندا رهندا آهن: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبر ضلعي جا قبائل سردين جي موسم ۾ لڏپلاڻ ڪندا رهندا آهن، خيبرپختونخواهه جا ترجمان ان حوالي بي بنياد بيان بازين ۾ مصروف آهن. دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، وزيراعظم جي خيبرپختونخواهه اطلاعات بابت ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبر جا آفريدي ۽ اڪاخيل قبائل ٻين قبيلن کان مختلف آهن، ماضي گواهه آهي ته خيبر ضلعي جا قبائل سردين جي موسم ۾ لڏپلاڻ ڪندا رهيا آهن، اهي قابئل گرمين ۾ واپس تيراهه جي علائقي ۾ اچي وڃن ٿا، خيبرپختونخواهه جا ترجمان ان حوالي سان بي بنياد بيان بازين ۾ مصروف آهن. هن ايڊورڊ اي مرفي جي ڪتاب ”دي خيبر“ جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو ڪتاب 1899ع ۾ شايع ٿيو جنهن ۾ آفيشل گزيٽيئر جو حوالو ڏنو ويو آهي، ان ۾ 1880ع ۾ اهو لکيو ويو آهي ته ڄاڻايل قبائل سردين ۾ هجرت ڪندا آهن. هن چيو ته اها هڪ مڃيل حقيقت آهي، عالمي سطح تي شايع ٿيندڙ ان ڪتاب ۾ ان جو باقاعده ذڪر موجود آهي، گزيٽيئر مان اسان کي مڪمل تاريخ دستياب ٿئي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته جيڪا سرديءَ ماضي ۾ آڪٽوبر ۾ شروع ٿيندي هئي، هاڻي موسمياتي تبديلين جي ڪري ان جو دورانيو تبديل ٿي چڪو آهي، هن وقت جنوري جي آخر ۾ برفباري ٿي رهي آهي جڏهن ته ماضي ۾ نومبر ۾ برفباري ٿي ويندي هئي، موسمياتي حالتن ۾ اهي تبديليون موسمياتي تبديلي جي ڪري سامهون آيون آهن. هن چيو ته موسم اڳتي وڌي رهي آهي، پورو سيزنل شفٽ آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب خيبر جا قبائل رضاڪاراڻي طور تي وڃي رهيا آهن.











