اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته ملڪي معيشت مالي سال 2026ع ۾ ترقيءَ جي رفتار برقرار رکڻ لاءِ موزون پوزيشن ۾ آهي، هلندڙ مهيني ۾ مهانگائي 5 کان 6 سيڪڙو جي حد ۾ رهندي. اها ڳالهه ناڻي واري وزارت طرفان جاري ماهواري اقتصادي اپ ڊيٽ رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته وڏين صنعتن جي پيداوار ۽ ٻين معاشي اهڃاڻن …
ملڪي معيشت مالي سال 2026ع ۾ ترقيءَ جي رفتار برقرار رکڻ لاءِ موزون پوزيشن ۾ آهي: ناڻي واري وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته ملڪي معيشت مالي سال 2026ع ۾ ترقيءَ جي رفتار برقرار رکڻ لاءِ موزون پوزيشن ۾ آهي، هلندڙ مهيني ۾ مهانگائي 5 کان 6 سيڪڙو جي حد ۾ رهندي. اها ڳالهه ناڻي واري وزارت طرفان جاري ماهواري اقتصادي اپ ڊيٽ رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته وڏين صنعتن جي پيداوار ۽ ٻين معاشي اهڃاڻن جي همٿائيندڙ ڪارڪردگيءَ سبب مالي سال 2026ع ۾ ملڪي معيشت ترقي جي رفتار برقرار رکڻ لاءِ موزون پوزيشن ۾ آهي، اهو هاڪاري رجحان محتاط پاليسين، جاري ڍانچي جاتي سڌارن ۽ مهانگائيءَ جي دٻاءُ ۾ گهٽتائيءَ سبب مالي حالتن ۾ نرميءَ جي اثرن جي عڪاسي ڪري ٿو. رپورٽ موجب ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پرڏيهه مان موڪليل ناڻي جي مضبوط آمد ۽ آءِ ٽي ۽ خدمتن جي روانگي واپار جي مستحڪم ڪارڪردگيءَ سبب پرڏيهي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، بهتر مالياتي نظم و نسق سان به ڪلي معيشت جي استحڪام ۾ مدد ملندي اميد آهي. رپورٽ موجب مالي سال جي پهرين ڇهه ماهيءَ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين پاران موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 19.33 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي جي 17.84 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 10.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پهرين ڇهه ماهيءَ ۾ روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 15.5 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 16.3 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو گهٽ آهي، آمدني واپار تي 31.3 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 27.9 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 12.3 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو خسارو 1.174 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، گذريل مالي سال جي پهرين ڇهه ماهيءَ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽس کاتن جو توازن 957 ملين ڊالر فاضل هو. پهرين ڇهه ماهيءَ ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 808.1 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي جي 1424.8 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 43.3 سيڪڙو گهٽ آهي. 16 جنوري 2026ع تي اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 16.1 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.2 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، گذريل سال 10 جنوريءَ تي اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 11.4 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن جي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.7 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ايف بي آر جي محصولن جو ڳاڻيٽو 6.160 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي جي 5.624 ٽريلين رپين جي ڀيٽ ۾ 9.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي، نان ٽيڪس محصولن جو ڳاڻيٽو 3.581 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي جي 3.417 ٽريلين رپين جي ڀيٽ ۾ 4.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي خساري جو ڳاڻيٽو 981.5 ارب رپيا جڏهن ته پرائمري خسارو 3.651 ٽريلين رپيا رهيو. ناڻي واري وزارت موجب مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ زرعي شعبي کي 1.411 ٽريلين رپين جا قرض جاري ڪيا ويا جيڪي گذريل مالي سال جي ان مُدي جي 1.266 ٽريلين رپين جي ڀيٽ ۾ 11.4 سيڪڙو وڌيڪ آهن. 9 جنوريءَ تائين نجي شعبي کي 578.4 ارب رپين جا قرض جاري ٿيا. 17 ڊسمبر 2024ع تي پاليسي ريٽ 13 سيڪڙو هو جيڪو هن وقت 10.5 سيڪڙو آهي. مالي سال جي پهرين ڇهه ماهيءَ ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو عمومي اهڃاڻ 5.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو مالي سال جي ان مُدي ۾ 7.2 سيڪڙو هو. وڏين صنعتن جي پيداوار جي اؤسر واري شرح 6.01 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب مالي سال جي پهرين ڇهه ماهيءَ ۾ ڪيپيٽل مارڪيٽ بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو. 26 جنوريءَ تي پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جو ڪي ايس اِي 100 انڊيڪس 188587 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو. گذريل 24 جنوريءَ تي ڪي ايس اِي 100 انڊيڪس 114880 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو هو. 26 جنوريءَ تي مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 75.60 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. 26 جنوري 2025ع تي مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن جو ڳاڻيٽو 50.64 ارب ڊالر هو. پهرين ڇهه ماهيءَ ۾ نَون ڪمپنين جي رجسٽريشن جو ڳاڻيٽو 21671 رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 28.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي.











