اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ سيد نويد قمر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبرن سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن جي 24-2023ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ عملدارن پي اي سي کي ٻُڌايو ته 23-2022ع ۾ پيٽروليم ليوي ۽ ايل پي ايس جي مد ۾ 14631 …
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس، پيٽروليم ڊويزن جي 24-2023ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ سيد نويد قمر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبرن سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن جي 24-2023ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ عملدارن پي اي سي کي ٻُڌايو ته 23-2022ع ۾ پيٽروليم ليوي ۽ ايل پي ايس جي مد ۾ 14631 ملين رپين جي ريڪوري نه ڪئي وئي. سيد نويد قمر چيو ته هي ته ايف بي آر سان لاڳاپيل معاملو آهي. هن چيو ته ائين نه ٿيڻ گهرجي، مان ان معاملي تي ايف بي آر جي چيئرمين کي ذاتي حيثيت ۾ گُهرائيندس. ناڻي واري وزارت کي ٻُڌايو ويو ته هي ڪائونٽنگ جي غفلت هئي ۽ رقم غلط هيڊ ۾ هلي وئي. پي اي سي جي پُڇاڻي تي آڊيٽر جنرل چيو ته ان تي ٻيو ڪجهه به نٿو ٿي سگهي، ان معاملي کي ائين مُنهن ڏيڻو پوندو. پيٽروليم سيڪريٽري چيو ته رقم ماهوار بنيادن تي جمع ٿي رهي آهي ۽ـ بئنڪ گارنٽي به موجود آهي. ان کان علاوه هر مهيني لاءِ ڌار ڌار 48 چيڪ به ڏنا ويا آهن. پي اي سي هدايت ڪئي ته جيستائين پوري رقم جي ريڪوري نٿي ٿئي، هي ايجنڊا تي موجود رهندو ۽ ان جي مانيٽرنگ به ڪئي ويندي. پي اي سي جي پُڇاڻي تي پيٽروليم ڊويزن طرفان ٻُڌايو ته ويو ته ليوي جو ڳاڻيٽو 1.4 ٽريلين رپيا آهي. سيد نويد قمر چيو ته حڪومت پيٽروليم ليوي جي وصوليءَ لاءِ قانون سخت ڪري. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته پيٽروليم واري سيڪريٽري ان حوالي سان مسئلن جي نشاندهي ڪري ته حڪومت حل ڪندي.











