عالمي قانون جي احترام ۾ گهٽتائي تيزي سان تڪرارن کي جنم ڏئي رهي آهي، پاڪستان جو گڏيل قومن ۾ ڀارت جي جارحاڻن قدمن جو حوالو

گڏيل قومون -27 جنوري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي، ته عالمي قانون جي احترام ۾ تيزي سان گهٽتائي تڪرارن کي جنم ڏئي رهي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل ۾ عالمي قانون جي حڪمراني جي توثيق جي عنوان تي ٿيندڙ بحث ۾ خطاب ڪندي  گذريل مئي ۾ پاڪستان تي ڀارت جي بنا جواز حملي، ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کان لاڳيتو انڪاري …

گڏيل قومون -27 جنوري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي، ته عالمي قانون جي احترام ۾ تيزي سان گهٽتائي تڪرارن کي جنم ڏئي رهي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل ۾ عالمي قانون جي حڪمراني جي توثيق جي عنوان تي ٿيندڙ بحث ۾ خطاب ڪندي  گذريل مئي ۾ پاڪستان تي ڀارت جي بنا جواز حملي، ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کان لاڳيتو انڪاري ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي ڏانهن ڌيان ڇڪايو. هن چيو ته گڏيل قومن جي منشور جي بنيادي اصول جهڙن رياستن جي خودمختيار برابري،  عدم مداخلت، سياسي آزادي ۽ علائقائي سلامتي، طاقت جي استعمال يا ان جي ڌمڪي ڏيڻ تي پابندي ۽ خوداراديت وارو حق تيزي سان چئلينج بڻجي رهيا آهن. هن خبردار ڪيو ته منشور کان هٽي هڪ طرفن قدمن کي معمول بڻائڻ جون ڪوششون اجتماعي سلامتي کي ڪمزور ۽ گهڻ رخي ادارن جي ساک کي نقصان پهچائي رهيون آهن. جنوري لاءِ سلامتي ڪائونسل جي صدارت ڪندڙ ملڪ صوماليه ان بحث جو اهتمام ڪيو. ان جي تصوراتي نوٽ ۾ چيو ويو آهي، ته سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي ڪيترائي ڀيرا توثيق باوجود عالمي برادري کي قانون جي حڪمراني برقرار رکڻ ۾ سنگين چئليجز سامهون آهن. نوٽ ۾ چيو ويو ته آفريقه سميت سمورا اهي ملڪ جن تڪرارن ۽ عدم برابري  جي قيمت چڪائي آهي، انهن لاءِ عالمي قانون جي حڪمراني خودمختياري، وقار ۽ انصاف جي ضامن آهي. گڏيل قومن جي منشور جي 80هين سالگره سلامتي ڪائونسل لاءِ اڳڀرائي ۽ درپيش چئلينجز  تي غور تي فوري موقعو فراهم ڪري ٿي. پاڪستاني نمائندي بحث کي وقتائتو قرار ڏيندي چيو ته ڀارت پاران عالمي قانون ۽ پاڪستاني خودمختياري جي ڀڃڪڙي ٿي، فوجي جارحيت جو حوالو ڏيندي  هن چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع واري حق جو استعمال ذميواراڻه، محتاط انداز  ۾ ڪيو. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي طور معطلي عالمي ذميوارين جي سرعام ڀڃڪڙي آهي، جيڪو لکين ماڻهن جي زندگين ۽ معاش کي خطري ۾ وجهندي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائي ٿو. هن چيو ته پاڪستان پاڻي ۽ ٻين قدرتي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو ۽ معاهدن جي پابندي عالمي قانوني نظام جو بنياد  آهي. هن چيو ته عالمي قانون ۽ گهڻ رخي نظام تي پختو يقين رکندڙ ملڪ طور پاڪستان تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پرعزم آهي. هن ياد ڏياريو ته گذريل جولاءِ ۾ پاڪستان جي قيادت ۾ سلامتي ڪائونسل تڪرارن  جي پرامن حل سان لاڳاپيل ٺهراءَ 2788 گڏيل طور تي منظور ڪيو. ڀارت جي عالمي قانن جي سنگين ڀڃڪڙين بابت پاڪستاني نمائندي بيانن تي ٻڌل ڀارتي نمائندي پروٿني هريش رد عمل ڏيندي بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان تي پهلگام حملي ۾ ملوث هئڻ جا الزام لڳايا. پاڪستان ڀارت جي بنياد دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته ڄمون ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو حصو نه هو ۽ نه ئي ڪڏهن ٿيندو. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ذريعي ڀارت پاڪستان جي قديم زرخيز ميدانن کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان ان تازي چڙ ڏياريندڙ، ان آبي دهستگردي جو مقابلو ان ئي عزم، وضاحت ۽ ڪاميابي سان ڪنداسين جهڙي طرح گذريل سال مئي ۾ ڀارت جي جارحيت جو دفاع ڪيو هو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن جي فرسٽ سيڪريٽري چيو ته دنيا جي سڀ کان وڏي جمهرويت هئڻ جي دعويٰ ڀارت ۾ هندو انتهاپسند تنظيمن جي سرپرستي ۾ مسلمانن، عيسائين، سکن ۽ ٻين اقليتن خلاف ٿيندڙ رياستي ظلمن تي پردو نه ٿي وجهي سگهي.

مزید خبریں