تهران -27 جنوري (اي پي پي) آمريڪا سان لاڳيتو ڇڪاڻ کي نظر ۾ رکندي ايران هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪيو آهي، ته خطي جي امن کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش صرف ايران تائين محدود نه رهندي پر ان جا اثر ٻين علائقن تائين به پکڙجي ويندا. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي گذريل ڏينهن هڪ پريس بريفنگ دوران چئي. هن چيو …
اسان جي خلاف ڪنهن به حملي سان سڄو خطو عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويندو: ايران جي ٻيهر تنبيهه

مزید خبریں
تهران -27 جنوري (اي پي پي) آمريڪا سان لاڳيتو ڇڪاڻ کي نظر ۾ رکندي ايران هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪيو آهي، ته خطي جي امن کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش صرف ايران تائين محدود نه رهندي پر ان جا اثر ٻين علائقن تائين به پکڙجي ويندا. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي گذريل ڏينهن هڪ پريس بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته سندس ملڪ ڪنهن به عسڪري حملي جو اهڙو جواب ڏيندو جنهن تي حملو ڪندڙ پڇتائيندو. هن چيو ته ايران هن وقت به هڪ همه گير هائبرڊ جنگ کي منهن ڏئي رهيو آهي جيڪا گذريل جون ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا پاران ڪيل عسڪري ڪاروائين جو تسلسل آهي. هن چيو ته اسرائيلي ۽ آمريڪي ڌمڪيون گذريل ڪيترن ئي مهينن کان روزانو جي بنياد تي ڏنيون پيون وڃن جڏهن ته خطي جا ملڪ چڱي ريت ڄاڻن ٿا ته عدم استحڪام هڪ فطري عمل آهي ۽ انهن خلفشارن جا هدف صرف ايران تائين محدود نه رهندا. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان زور ڀريندي چيو ته ايران هاڻي اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ تيار آهي ۽ ڪنهن به امڪاني حملي جي صورت ۾ هڪ جامع ۽ فيصلائتو جواب ڏيندو جيڪو دشمن لاءِ پشيماني جو سبب بڻجندو. ترجمان ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ آمريڪي نمائندي اسٽيو وٽڪوف وچ ۾ ٿيل رابطي جي حوالي سان ترديد ڪندي چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪا به صداقت ناهي. يورپي پارليامينٽ پاران پاسداران انقلاب کي دهشتگردي جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جي فيصلي تي هن ان کي خطرناڪ قرار ڏيندي چيو ته ان جا ڪيترائي ناڪاري اثر هوندا ۽ ايران ان جو جواب ڏيندو.











