چين جي اتر ڏکڻ صوبي گانسو ۾ 5.5 جي شدت جو زلزلو، 20 ھزار ماڻھو محفوظ ھنڌن ڏانهن منتقل

بيجنگ - 27 جنوري (اي پي پي) اتر ڏکڻ چين ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنھن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 5.5 رڪارڊ ڪئي وئي. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي زلزلي نيٽ ورڪس سينٽر ٻڌايو ته چين جي اتر ڏکڻ صوبي گانسو جي گانان تبت خودمختيار پريفڪيچر جي ٽيبو ڪانٽي ۾ 5.5 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. مقامي اختيارين جو چوڻ آھي ته احتياطي ھدايتن …

بيجنگ – 27 جنوري (اي پي پي) اتر ڏکڻ چين ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنھن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 5.5 رڪارڊ ڪئي وئي. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي زلزلي نيٽ ورڪس سينٽر ٻڌايو ته چين جي اتر ڏکڻ صوبي گانسو جي گانان تبت خودمختيار پريفڪيچر جي ٽيبو ڪانٽي ۾ 5.5 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. مقامي اختيارين جو چوڻ آھي ته احتياطي ھدايتن تحت ڪانٽي جي 20 ھزار کان وڌيڪ رھائشن کي محفوظ ھنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آھي جڏھن ته متاثر علائقن ۾ ھن وقت تائين ڪنھن جاني نقصان جو اطلاع ناھي مليو. زلزلي کانپوءِ عوامي سلامتي ادارن امدادي سرگرميون تيز ڪندي 350 آفيسرن کي سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن لاءِ روانو ڪيو. ان کان علاوه گانسو صوبائي فائر اينڊ ريسڪيو 340 اھلڪار، 65 گاڏين ۽ 7 تربيت يافته ڳولا ڪندڙ ڪتا به متاثر علائقن ۾ متحرڪ ڪيا ويا آھن.

مزید خبریں