منگوليا ۾ جنوري دوران شديد ٿڌ سبب 13 فوتگيون رڪارڊ

اولان باتور - 27 جنوري (اي پي پي) منگوليا ۾ جنوري دوران شديد ٿڌ (ھائپوٿرميا) سبب 13 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق متاثر ٿيلن مان اڌ ماڻھن کي شراب پيتل ھو. اداري چيو ته ٿڌي موسم ۾ شراب جو استعمال ھائپوٿرميا جو ھڪ وڏو سبب بڻجي ٿو. جنوري جي شروع کان روس جي علائقي سائبيريا کان ايندڙ شديد ٿڌي ھوا جي لھر منگوليا جي وڏي حصي ۾ …

اولان باتور – 27 جنوري (اي پي پي) منگوليا ۾ جنوري دوران شديد ٿڌ (ھائپوٿرميا) سبب 13 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق متاثر ٿيلن مان اڌ ماڻھن کي شراب پيتل ھو. اداري چيو ته ٿڌي موسم ۾ شراب جو استعمال ھائپوٿرميا جو ھڪ وڏو سبب بڻجي ٿو. جنوري جي شروع کان روس جي علائقي سائبيريا کان ايندڙ شديد ٿڌي ھوا جي لھر منگوليا جي وڏي حصي ۾ ڦھلجي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿيو ۽ گرمي پد ۾ نمايا گھٽتائي ٿي. ملڪ جي موسميات کاتي مطابق 21 جنوري تي منگوليا جي اتر صوبي سيلينجي جي انتظامي علائقي ايروسوم ۾ رات جي وقت گرمي پد ڪاٽو 45.2 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪري پيو. منگوليا ۾ سخت ۽ شديد ٿڌ جي موسم ڊگھي عرصي تائين رھندي آھي. جتي گرمي پد ڪاٽو 25 ڊگري سينٽي گريڊ کان ڪاٽو 45 ڊگري سينٽي گريڊ وچ ۾ رھندو آھي.

مزید خبریں