جڪارته-27 جنوري(اي پي پي) انڊونيشيا جي اولهندي صوبي جاوا جي علائقي سيساروا ۾ لينڊسلائيڊ سبب 38 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته لاشن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب قدرتي آفتن بابت قومي اداري (بي اين پي بي ) گذريل ڏينهن ٻڌايو ته سومر جي شام تائين 20 ڄڻن جي سڃاڻپ مڪمل ڪري لاش سندن وارثن حوالي ڪيا ويا آهن جڏهن ته باقي لاشن جي سڃاڻپ جو …
انڊونيشيا ۾ لينڊسلائيڊنگ دوران 38 ڄڻا اجل جو شڪار، 685 بي گهر

مزید خبریں
جڪارته-27 جنوري(اي پي پي) انڊونيشيا جي اولهندي صوبي جاوا جي علائقي سيساروا ۾ لينڊسلائيڊ سبب 38 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته لاشن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب قدرتي آفتن بابت قومي اداري (بي اين پي بي ) گذريل ڏينهن ٻڌايو ته سومر جي شام تائين 20 ڄڻن جي سڃاڻپ مڪمل ڪري لاش سندن وارثن حوالي ڪيا ويا آهن جڏهن ته باقي لاشن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. اداري موجب گذريل صبح جو سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اضافي وڏي مشينري شامل ڪئي وئي آهي ته جيئن متاثر علائقي ۾ ڳولا جو دائرو وڌائي سگهجي. ان ڪاروائي ۾ 800 اهلڪار ۽ 09 ايڪسڪيويٽرز حصو وٺي رهيا آهن. لينڊ سلائيڊنگ سبب 685 ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن جن کي آفيسن ۽ ٻين عارضي پناهه گاهن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. اختيارين موجب اهو واقعو ٻن راتن تائين جاري شديد برساتن سبب پيش آيو جنهن سان پهاڙي علائقن جون کاهيون پاڻي سان ڀرجي ويون.











