گڏيل عرب امارات پاران آمريڪا کي ايران خلاف ڪنهن به فوجي ڪارروائي لاءِ لاجسٽڪ مدد نه ڏيڻ جو اعلان

دبئي-27 جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته هو ايران خلاف ڪنهن به فوجي ڪاروائي لاءِ پنهنجون هوائي حدون، سرزمين يا سامونڊي حدن جي استعمال جي اجازت نه ڏيڻ ۽ ان سلسلي ۾ ڪا به لاجسٽڪ مدد فراهم نه ڪرڻ جو پابند آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يو اي اي يقين ڏياريو آهي  ته ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ڇڪتان ۾ گهٽتائي عالمي قانونن جي پاسداري ۽ …

دبئي-27 جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته هو ايران خلاف ڪنهن به فوجي ڪاروائي لاءِ پنهنجون هوائي حدون، سرزمين يا سامونڊي حدن جي استعمال جي اجازت نه ڏيڻ ۽ ان سلسلي ۾ ڪا به لاجسٽڪ مدد فراهم نه ڪرڻ جو پابند آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يو اي اي يقين ڏياريو آهي  ته ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ڇڪتان ۾ گهٽتائي عالمي قانونن جي پاسداري ۽ رياستن جي خودمختياري جو احترام موجوده بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ بهترين بنياد آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب يو اي اي جي سفارتي ذريعن سان تڪرارن جي حل جي ضرورت تي ٻڌل نقطه نظر تي زور ڀريو آهي. اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي ويڙهاڪ جهاز ۽ سازو سامان وچ اوڀر پهچي چڪو آهي ته جيئن ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري رهندڙ جنگي تيارين جي مشق ڪري سگهجي . آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ اڳ ئي واضح ڪيو هيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل هفتن دوران ڪيترائي ڀيرا ايران خلاف فوجي آپشن جو اشارو ڏنو هيو پر انسندس بقول ايران جي اختيارين مظاهرو ڪندڙن جي موت جي سزا روڪڻ کان پوءِ هن اهڙن بيانن جي شدت ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.

مزید خبریں