اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي پاليسي ريٽ کي 10.5 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، عمومي مهانگائي ڊسمبر 2025ع ۾ سالياني بنيادن تي 5.6 سيڪڙو رهي جيڪا اُميدن مطابق آهي، جڏهن ته بنيادي (قوزي) مهانگائي تازن مهينن ۾ تقريبن 7.4 سيڪڙو جي نسبتن بلند سطح تي آهي، مالي سال 2026ع ۾ حقيقي جي ڊي پي اؤسر 3.75 کان 4.75 سيڪڙو جي …
اسٽيٽ بئنڪ پاران پاليسي ريٽ کي 10.5 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو، عمومي مهانگائي ڊسمبر 2025ع ۾ سالياني بنيادن تي 5.6 سيڪڙو رهي، مالي سال 2026ع ۾ حقيقي جي ڊي پي اؤسر 3.75 کان 4.75 سيڪڙو جي حد ۾ رهڻ جو ڪاٿو

مزید خبریں
اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي پاليسي ريٽ کي 10.5 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، عمومي مهانگائي ڊسمبر 2025ع ۾ سالياني بنيادن تي 5.6 سيڪڙو رهي جيڪا اُميدن مطابق آهي، جڏهن ته بنيادي (قوزي) مهانگائي تازن مهينن ۾ تقريبن 7.4 سيڪڙو جي نسبتن بلند سطح تي آهي، مالي سال 2026ع ۾ حقيقي جي ڊي پي اؤسر 3.75 کان 4.75 سيڪڙو جي حد ۾ رهڻ جو ڪاٿو آهي. مانيٽري پاليسي ڪميٽيءَ جي اجلاس کانپوءِ جاري بيان موجب وڏي پيماني تي شين ٺاهڻ سميت بلند انگ جي هاڻوڪي اظهارين مان ظاهر ٿئي ٿو ته اقتصادي سرگرميون لاڳيتو توقع کان وڌيڪ تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن جنهن ۾ بنيادي ڪردار مقامي شعبن جو آهي. ڪميٽيءَ محسوس ڪيو ته آمدني واپار ۾ واڌ جو ڳاڻيٽو وڌڻ سان ٿيو جڏهن ته روانگي واپار ڪِري پيو جنهن سان واپاري خساري ۾ واڌ ٿي، پرڏيهه مان پورهيتن پاران موڪليل ناڻي ۾ تسلسل ۽ جنسن جون عالمي قيمتون سازگار رهڻ سبب ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو نسبتن ضابطي ۾ رهيو آهي. ان جي روشنيءَ ۾ مانيٽري پاليسي ڪميٽيءَ جو تجزيو هي آهي ته مهانگائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ لاءِ موجوده منظرنامو اڳوڻن تجزين جي ڀيٽ ۾ نسبتن وڏي حد تائين برقرار آهي جڏهن ته اقتصادي اؤسر لاءِ منظرنامو نمايان طور بهتر ٿيو آهي. ان تجزيي جي بنياد تي ڪميٽيءَ جي راءِ آهي ته موجوده پاليسي ريٽ کي برقرار رکيو وڃي ته جيئن قيمتن جو استحڪام ۽ پائيدار اقتصادي اؤسر کي يقيني بڻائي سگهجي. بيان موجب ڪميٽي پنهنجي گذريل اجلاس کان پوءِ ٿيل اهم اڳڀرائيءَ کي نظر ۾ رکيو آهي، مالي سال 2026ع جي پهرين ٽه ماهيءَ دوران حقيقي جي ڊي پي ۾ سالياني بنيادن تي 3.7 سيڪڙو جي اؤسر رپورٽ ڪئي وئي جنهن جو بنيادي ڪارڻ صنعت ۽ زراعت جي شعبن جي اؤسر هئي. صارفين ۽ ڪاروباري ادارن ٻنهي جو اعتماد بهتر ٿيو جڏهن ته مهانگائي بابت انهن ڌُرين جون اميدون گهٽ ٿيون آهن. اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا ڊسمبر جي پڄاڻيءَ تي هدف پار ڪندي 16 جنوري تي 16.1 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا جڏهن ته ان جو وڏو سبب اسٽيٽ بئنڪ طرفان مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جون بين البئنڪ مسلسل خريداريون هيون. ايف بي آر محصولن جي اؤسر ڊسمبر ۾ گهٽ ٿي 7.3 سيڪڙو رهجي وئي جيڪا مقرر هدف کان گهٽ هئي. آءِ ايم ايف 26ع لاءِ عالمي معاشي اؤسر جي اڳڪٿيءَ ۾ ڪجهه واڌ ڪري ڇڏيو جڏهن ته جاگرافيائي ۽ سياسي حالتن سبب بلند عالمي واپاري ٽيرف بابت غير يقيني صورتحال ۽ جنسن جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن سان پيدا ٿيل خطرن جي به نشاندهي ڪئي، ان اڳڀرائيءَ کي ڏسندي ڪميٽي تجزيو ڪيو ته حقيقي پاليسي ريٽ مهانگائيءَ جي وچين مُدي ۾ 5 کان 7 سيڪڙو جي هدف ۾ مستحڪم رکڻ لاءِ مناسب طور مثبت آهي. ڪميٽي روانگي واپار ۾ واڌ ۽ پائيدار بنيادن تي بلند اؤسر حاصل ڪرڻ لاءِ مربوط ۽ محتاط مانيٽري ۽ مالياتي پاليسين سان گڏوگڏ پيداواري صلاحيت وڌائيندڙ بناوتي سڌارن جي ضرورت تي به زور ڀريو. بيان موجب مالي سال 26ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ حقيقي جي ڊي پي اؤسر وڌي 3.7 سيڪڙو سال بسال ٿي وئي جيڪا گذريل سال جي ان عرصي دوران 1.6 سيڪڙو هئي، جنهن سان اقتصادي سرگرمين ۾ نمايان بهتري ظاهر ٿئي ٿي. وڌيڪ بلند ڳڻپ جي اظهارن جي تازن انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي ٻي ٽه ماهيءَ ۾ اهورفتار جاري رهڻ جو اشارو ڪن ٿا. گاڏين جي وڪري، سيمنٽ جي مقامي کپت، پيٽروليم شين جي وڪري، ڀاڻ جي استعمال ۽ مشنيري شين جي آمدني واپار ۾ ذڪر جوڳي اؤسر ٿي جيڪو پائيدار ملڪي طلب جي نشاندهي ڪري ٿو. انهن رجحانن موجب وڏي پيماني تي ٺهندڙ شين آڪٽوبر ۽ نومبر 2025ع ۾ ترتيبوار 8.0 ۽ 10.4 سيڪڙو سالياني جي شرح سان اؤسر ڪئي آهي، جنهن سان جولاءِ کان نومبر مالي سال 26ع دوران وڏي پيماني تي ٺهندڙ شين جي مجموعي اؤسر واري شرح وڌي 6.0 سيڪڙو تائين پهچي وئي. زرعي شعبي ۾ ٻجن جي پوکائي جي حوالي سان تازن اطلاعن ۽ سيٽلائيٽ تصويرون ڪڻڪ جي فصل جي لاءِ همٿائيندڙ امڪانن جي نشاندهي ڪري رهيون آهن. توقع آهي ته جنسون پيدا ڪندڙ شعبن ۾ اها اڳڀرائي خدمتن جي شعبي کي به وڌيڪ هٿي ڏيندي. ان روشنيءَ ۾ اؤسر جو منظرنامو اڳوڻن ڪاٿن کان نمايان طور بهتر ٿي ويو آهي ۽ هاڻ مالي سال 26ع ۾ حقيقي جي ڊي پي جي اؤسر 3.75 کان 4.75 سيڪڙو جي حد ۾ رهڻ جو ڪاٿو آهي. معيشت جو هي عمل دخل مالي سال 2027ع ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن کي پاليسي ريٽ ۾ اڳوڻي گهٽتائي جي لاڳيتو سامهون ايندڙ اثرن ۽ موجوده معاشي استحڪام جو تعاون حاصل آهي. ڊسمبر 25ع دوران ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ 244 ملين ڊالرن جو خسارو ٿيو، جنهن سان مالي سال 26ع جي پهرين ڇهه ماهيءَ جو مجموعي خسارو 1.2 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. ان جو اهم بنيادي سبب آمدني واپار ۾ جوڳي واڌ ۽ روانگي واپار ۾ گهٽتائيءَ سبب واپاري خساري جو وڌڻ هو. روانگي واپار ۾ گهٽتائي سبب غذائي روانگي واپار خاص ڪري چانورن ۾ نمايان گهٽتائي ٿي هئي، جڏهن ته بلند اضافي جي ٽيڪسٽائل روانگي واپار مستحڪم رهي. پرڏيهه مان پورهيتن پاران موڪليل ناڻو ۽ آءِ سي ٽي خدمتن جي روانگي واپار ۾ پائيدار اؤسر سبب جاري کاتن جي خسارن کي محدود رکڻ ۾ مدد ملي. اهڙيءَ طرح اسٽيٽ بئنڪ کي خريدارين ذريعي مٽاسٽا جو ناڻو وڌائڻ ۾ مدد ملي. مستقبل ۾ پورهيتن پاران موڪليل ناڻي ۾ مسلسل واڌ ۽ جنسن جي مددگار عالمي قيمتن سبب مالي سال 26ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي ٻڙيءَ کان هڪ سيڪڙو تائين محدود رهڻ جو ڪاٿو آهي. ان منظرنامي ۽ منصوبي تحت سرڪاري رقمن جي وصولي سان اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا جون 26ع تائين وڌي 18.0 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي توقع آهي. جڏهن ته مالي سال 27ع ۾ هي وڌيڪ واڌ سان ٽن مهينن جي آمدني واپار جو احاطو ڪندڙ بينچ مارڪ تائين پهچي ويندو جڏهن ته ان منظرنامي جو دارومدار ڪجهه اهم خطرن تي آهي، خاص ڪري اهڙا خطرا جيڪي عالمي واپاري ورڇ ۽ جاگرافيائي ۽ سياسي بي يقيني سان پيدا ٿي رهيا آهن. مالي سال 26ع جي پهرين ڇهه ماهيءَ ۾ ايف بي آر جي ٽيڪسن ۾ 9.5 سيڪڙو اؤسر ٿي جڏهن ته گذريل سال جي ان مُدي ۾ هي 26 سيڪڙو وڌيو هو. هي اؤسر واري هدف کان گهٽ رهي جنهن جو نتيجو 329 ارب رپين جي گهٽتائي جي صورت ۾ برآمد ٿيو. ان سان نشاندهي ٿئي ٿي ته ايف بي آر جي محصولاتي هدف کي پورو ڪرڻ لاءِ مالي سال 26ع جي ٻي ڇهه ماهي ۾ ٽيڪسن جي شرح ۾ اؤسر ۾ چڱي خاصي واڌ جي ضرورت هوندي. جنهن سان ڪنهن حد تائين محدود خرچن جي نشاندهي ٿئي ٿي. خاص ڪري سودي ادائگيون گذريل سال جي ان مُدي جي ڀيٽ ۾ گهٽ رهيون جنهن سان امڪان آهي ته پوري سال جي مالياتي خساري جو هدف پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جڏهن ته سالياني بنيادي سرپلس جي هدف کي حاصل ڪرڻ بظاهر مشڪل معلوم ٿئي ٿو. ان پسِ منظر ۾ ڪميٽي هاڻوڪي معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ مالياتي يڪجائي جي مددي ڪردار جو اعتراف ڪيو. ان سان گڏوگڏ ڪميٽي زور ڀريو ته معيشت جي پائيدار اؤسر جو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ هاڻوڪي مالياتي نظم و ضبط کي بناوتي سڌارن ۾ ٺوس اڳڀرائي تي ٻَڌل هئڻ گهرجي، خاص ڪري ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ وڌائڻ ۽ نقصان ۾ هلندڙ سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاريءَ ذريعي. مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي گذريل اجلاس کان پوءِ 9 جنوريءَ تائين ايم ٽو جي اؤسر وڌي 16.3 سيڪڙو تائين پهچي وئي جنهن جو سبب نجي شعبي جي قرضن ۽ حڪومتي قرض گيريءَ ۾ واڌ هو. مالي سال 26ع ۾ مالي حالتون نرم رهڻ سبب نجي شعبي جي قرضن ۾ 9 جنوريءَ تائين 578 ارب رپين جو اضافو ٿيو. وڏن قرض گيرين ۾ ٽيڪسٽائل، ٿوڪ ۽ واپار ۽ ڪيميڪلز جا اهم شعبا شامل هئا. صارفي مالڪاري به بدستور وڌندي رهي. اسٽيٽ بئنڪ فيصلو ڪيو آهي ته بئنڪن جي لاءِ گهربل نقد محفوظ 6.0 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 5.0 سيڪڙو ڪيو وڃي جنهن سان نجي شعبي جي قرضن ۾ واڌ جي توقع آهي. عمومي مهانگائي نومبر ۾ 6.1 سيڪڙو هئي جيڪا ڊسمبر ۾ گهٽ ٿي 5.6 سيڪڙو (سال بسال) رهجي وئي جنهن جو سبب غذائي قيمتن ۾ گهٽتائي هئي، حالانڪ ڪڻڪ ۽ ان سان لاڳاپيل شين جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي هئي. ڪميٽيءَ اهو محسوس ڪيو آهي ته قوزي مهانگائي مالي سال 25ع دوران لاڳيتو گهٽ ٿيڻ بعد مالي سال 26ع جي پهرين ڇهه ماهيءَ ۾ تقريبن 7.4 سيڪڙو رهي، جڏهن ته صارفين ۽ ڪاروباري ادارن ٻنهي جي مهانگائي جي توقع ۾ گهٽتائي جاري آهي. ڪميٽي ڪاٿو لڳايو ته جاري ڪئلينڊر سال جي ڪجهه مهينن دوران مهانگائي هدف جي مٿاهين سطح کان عارضي طور وڌي ويندي جنهن کان پوءِ مالي سال 26ع ۽ مالي سال 27ع ۾ مهانگائي 5 کان 7 سيڪڙو تي مستحڪم رهندي. هي منظرنامو جنسن جي عالمي ۽ ڪڻڪ جي ملڪي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن، توانائي جي سرڪاري قيمتن ۾ غير متوقع تبديلين ۽ ملڪي طلب ۾ توقع کان وڌيڪ واڌ جي خطرن تي ٻَڌل آهي.











