سوڊان ۾ شهرين خلاف وڏي پيماني تي پرتشدد ڪارروائين جو خطرو آهي:گڏيل قومن جي تنبيهه

گڏيل قومون-26 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي اڻ ڌري ماهرن ڏکڻ سوڊان ۾ جاري بدامني کي نظر ۾ رکندي شهرين خلاف پرتشدد ڪارروائين ۾ غير معمولي طور تي اضافو ٿيڻ بابت خبردار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اڻ ڌري ماهرن اها تنبيهه ڇڪتاڻ ۾ پيدا ٿيل تازي شدت سبب ڪئي آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن طرفان انهن ماهرن جي رپورٽس جي بنياد تي جاري بيان …

گڏيل قومون-26 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي اڻ ڌري ماهرن ڏکڻ سوڊان ۾ جاري بدامني کي نظر ۾ رکندي شهرين خلاف پرتشدد ڪارروائين ۾ غير معمولي طور تي اضافو ٿيڻ بابت خبردار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اڻ ڌري ماهرن اها تنبيهه ڇڪتاڻ ۾ پيدا ٿيل تازي شدت سبب ڪئي آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن طرفان انهن ماهرن جي رپورٽس جي بنياد تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سوڊان جي جانگئي رياست ۾ ٻه طرفي ويڙهه سنگين ٿي چڪي آهي. اهو علائقو گادي واري شهر جوبا جي اتر ۾ آهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته خوف سبب شهري وڏي انگ ۾ علائقي مان لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته ملڪ ۾ 2011ع کان پرتشدد واقعن جو سلسلو جاري آهي. گڏيل قومن جي ڏکڻ سوڊان ۾ قائم مشن ان صورتحال تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان بدامني کي روڪڻ گهرجي.

مزید خبریں