روم-26 جنوري (اي پي پي) رومي سمنڊ ۾ پرڏيهين کي کڻي ويندڙ هڪ ٻيڙي اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص جي زنده بچڻ جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته 50 ماڻهو هن وقت تائين گم آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق واحد زنده بچي ويل شخص کي هڪ واپاري جهاز بچائي ورتو ۽ علاج لاءِ مالٽا جي هڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو. زنده بچي ويل شخص مطابق ٻيڙي ڪولمبيا …
رومي سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 50 ڄڻا لاپتا ٿي ويا

مزید خبریں
روم-26 جنوري (اي پي پي) رومي سمنڊ ۾ پرڏيهين کي کڻي ويندڙ هڪ ٻيڙي اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص جي زنده بچڻ جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته 50 ماڻهو هن وقت تائين گم آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق واحد زنده بچي ويل شخص کي هڪ واپاري جهاز بچائي ورتو ۽ علاج لاءِ مالٽا جي هڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو. زنده بچي ويل شخص مطابق ٻيڙي ڪولمبيا مان روانو ٿي هئي، حادثي کانپوءِ هو ملبي کي مضبوطي سان پڪڙي پاڻي ۾ ترندو رهيو ۽ کيس بچايو ويو. حادثي کانپوءِ ڳولا ۽ امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون، پر 50 لاپتا ٿيل ماڻهن جو پتو ناهي پئجي سگهيو.











