انگليش پريمئير ليگ ۾ آسٽن ولا جي 14 هين فتح

لنڊن-26 جنوري (اي پي پي)انگلش پريمئير ليگ ۾ آسٽن ولا جي ٽيم شاندار ڪارڪردگي عيوض نيوڪيسل يونائيٽڊ کي 0-2 گول تان هارائي ڇڏيو. اها آسٽن ولا جي اي پي ايل ۾ 14 هين فتح آهي ۽ ان جي پوائنٽس ٽيبل تي ٽين پوزيشن آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق انگلش پريميئر فٽبال ليگ جو 34 هون سيزن انگلينڊ ۾ جاري آهي، جنهن ۾ فٽبال جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ …

لنڊن-26 جنوري (اي پي پي)انگلش پريمئير ليگ ۾ آسٽن ولا جي ٽيم شاندار ڪارڪردگي عيوض نيوڪيسل يونائيٽڊ کي 0-2 گول تان هارائي ڇڏيو. اها آسٽن ولا جي اي پي ايل ۾ 14 هين فتح آهي ۽ ان جي پوائنٽس ٽيبل تي ٽين پوزيشن آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق انگلش پريميئر فٽبال ليگ جو 34 هون سيزن انگلينڊ ۾ جاري آهي، جنهن ۾ فٽبال جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . ميچ ۾ آسٽن ولا طرفان ايميليانو بينڊيا 19 هين ۽ اولي واٽڪنز 88هين منٽ تي هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي فتح ڏياري. ميچ ۾ نيو ڪيسل يونائيٽڊ طرفان ڪو به گول نه ٿي سگهيو. واضح رهي ته اي پي ايل آرسنل جي ٽيم سڀ کان وڌيڪ 50 پوائنٽس سان ٽاپ پوزيشن تي برقرار آهي. مانچسٽر سٽي جي ٽيم 46 پوائنٽس سان ٻي جڏهن ته آسٽن ولا جي ٽيم به 46  پوائنٽس سان ٽين نمبر تي موجود آهي.

مزید خبریں