ميڪسيڪو ۾ فٽبال ميچ دوران فائرنگ، 11 ڄڻا فوت

ميڪسيڪو سٽي-26 جنوري (اي پي پي) ميڪسيڪو ۾ فٽبال ميچ دوران هٿياربندن جي فائرنگ سبب گهٽ ۾ گهٽ 11 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي اختيارين ٻڌايو ته اهو حملو مرڪزي رياست گواناخواتو جي شهر سلامانڪا جي لومادي فلوريس ڪميونٽي ۾ فٽبال گرائونڊ ۾ پيش آيو. اکين ڏٺن شاهدن مطابق هٿياربند ماڻهو ٻن پڪ اپ گاڏين ۾ سوار ٿي موقعي تي پهتا ۽ رانديگرن …

ميڪسيڪو سٽي-26 جنوري (اي پي پي) ميڪسيڪو ۾ فٽبال ميچ دوران هٿياربندن جي فائرنگ سبب گهٽ ۾ گهٽ 11 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي اختيارين ٻڌايو ته اهو حملو مرڪزي رياست گواناخواتو جي شهر سلامانڪا جي لومادي فلوريس ڪميونٽي ۾ فٽبال گرائونڊ ۾ پيش آيو. اکين ڏٺن شاهدن مطابق هٿياربند ماڻهو ٻن پڪ اپ گاڏين ۾ سوار ٿي موقعي تي پهتا ۽ رانديگرن ۽ تماشائين تي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني.

مزید خبریں