آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ 15 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان

لاهور-25 جنوري (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ 15 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان گروپ اي ۾ شامل آهي ۽ پنهنجي پهرين ميچ 7 فيبروري تي نيڌر لينڊ خلاف کيڏندو. اسڪواڊ جو اعلان آچر تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٿيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو ويو. اسڪواڊ ۾ ڪپتان سلمان علي آغا، فهيم اشرف، خواجا محمد نافع، محمد سلمان مرزا، …

لاهور-25 جنوري (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ 15 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان گروپ اي ۾ شامل آهي ۽ پنهنجي پهرين ميچ 7 فيبروري تي نيڌر لينڊ خلاف کيڏندو. اسڪواڊ جو اعلان آچر تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٿيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو ويو. اسڪواڊ ۾ ڪپتان سلمان علي آغا، فهيم اشرف، خواجا محمد نافع، محمد سلمان مرزا، صاحبزاده فرحان ۽ عثمان طارق کي پهريون  ڀيرو  ڪنهن وڏي آءِ سي سي ايونٽ لاءِ چونڊيو ويو آهي. ٻئي پاسي ابرار احمد، بابر اعظم، محمد نواز، نسيم شاه، صائم ايوب، شاهين شاه آفريدي، شاداب خان ۽ عثمان خان ان کان اڳ 2012 کان پوءِ ٿيل هڪ يا وڌيڪ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ايڊيشنز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪا آهن. 20 ٽيمن تي مشتمل ان ٽورنامينٽ ۾ هر ٽيم گروپ مرحلي ۾ چار ميچون کيڏندي جنهن کان پوءِ سپر ايٽ ۽ ناڪ آئوٽ مرحلو ايندو. ٽورنامينٽ 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين جاري رهندو .

مزید خبریں