سرينگر-25 جنوري (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ سومر تي ڀارت جي يوم جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا جنهن جو مقصد عالمي برادري کي اهو باور ڪرائڻ آهي ته ڀارت ڪشميرين کي سندن خوداراديت وارو حق ڏيڻ کان لڳاتار انڪار ڪري رهيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس پاران ڏنو ويو آهي. …
ڪشميري 26 جنوري تي ڀارت جي جمهوريه ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا

مزید خبریں
سرينگر-25 جنوري (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ سومر تي ڀارت جي يوم جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا جنهن جو مقصد عالمي برادري کي اهو باور ڪرائڻ آهي ته ڀارت ڪشميرين کي سندن خوداراديت وارو حق ڏيڻ کان لڳاتار انڪار ڪري رهيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس پاران ڏنو ويو آهي. اڄ والاريل ڪشمير جي سمورن علائقن ۾ مڪمل طور تي هڙتال ڪئي وئي آهي. جڏهن ته آزاد ڄمون ڪشمير، پاڪستان ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جي گادي وارن شهرن ۾ ڀارت مخالف مظاهرا ڪيا ويندا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون ته جيئن عالمي دنيا کي اهو پيغام ڏئي سگهجي ته ڀارت جنهن ڪشميري عوام کي سندن حق کان محروم رکيو آهي والاريل علائقي ۾ پنهنجو يوم جمهوريه ملهائڻ جو حق نه ٿو رکي.











