لاهور-22 جنوري(اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ٽي - 20 ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سيريز جون سموريون ميچون قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيون وينديون. جيڪي ترتيبوار 29 جنوري، 31 جنوري ۽ پهرين فيبروري تي ٿينديون. آءِ سي سي انٽرنيشنل پينل جو ميچ ريفري علي نقوي ٽيم جي سربراهي ڪندو. آءِ سي سي ايليٽ پينل …
پي سي بي پاران ٽي -20 ميچ آفيشلز جي نالن جو اعلان

مزید خبریں
لاهور-22 جنوري(اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ٽي – 20 ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سيريز جون سموريون ميچون قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيون وينديون. جيڪي ترتيبوار 29 جنوري، 31 جنوري ۽ پهرين فيبروري تي ٿينديون. آءِ سي سي انٽرنيشنل پينل جو ميچ ريفري علي نقوي ٽيم جي سربراهي ڪندو. آءِ سي سي ايليٽ پينل امپائير احسن رضا سيريز جي پهرين ٻن ميچن ۾ آن فيلڊ امپائر جا فرض سرانجام ڏيندو. ٽئين ٽي -ٽوئنٽي ميچ ۾ راشد رياض ۽ آءِ سي سي انٽرنيشنل پينل امپائر ناصر حسين آف فيلڊ امپائر جا فرض نڀائيندا. پهرين ميچ ۾ ناصر حسين ٿرڊ امپائر ۽ راشد رياض فورٿ امپائر هوندا. ٻي ميچ ۾ آصف يعقوب ٿرڊ امپائر، جڏهن ته ناصر حسين فورٿ امپائر هوندو، ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ پي سي بي نيشنل ايليٽ پينل جو طارق رشيد ۽ ذوالفقار جان فورٿ امپائر جا فرض سرانجام ڏيندا.











