سريلنڪا ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز 22 جنوري کان شروع ٿيندي

ڪولمبو - 21 جنوري (اي پي پي) سريلنڪا ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ھڪ ڏينھن وارين عالمي ميچن جي سيريز جي پھرين ميچ  22 جنوري خميس تي آرپريماداسا اسٽيڊيم، ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. پرڏيھي ميڊيا مطابق انگلينڊ جي ٽيم سريلنڪا جي دوري تي آھي ۽ اها پنھنجي سريلنڪا جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 03 ون ڊي ۽ 03 ٽي-20 ميچن جون سيريزون کيڏندي. ٻنھي ٽيمن وچ …

ڪولمبو – 21 جنوري (اي پي پي) سريلنڪا ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ھڪ ڏينھن وارين عالمي ميچن جي سيريز جي پھرين ميچ  22 جنوري خميس تي آرپريماداسا اسٽيڊيم، ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. پرڏيھي ميڊيا مطابق انگلينڊ جي ٽيم سريلنڪا جي دوري تي آھي ۽ اها پنھنجي سريلنڪا جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 03 ون ڊي ۽ 03 ٽي-20 ميچن جون سيريزون کيڏندي. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پھرين ميچ 22 جنوري تي آرپريماداسا اسٽيڊيم، ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. ٻي ون ڊي ميچ 24 جنوري جڏھن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 27 جنوري تي کيڏي ويندي. ھيري بروڪ انگلينڊ جي ٽيم جي قيادت ڪندو. ون ڊي سيريز جون ٽئي ميچون آرپريماداسا اسٽيڊيم، ڪولمبو ۾ کيڏيون وينديون. ون ڊي سيريز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 03 ٽي-20 ميچن جي سيريز جي شروعات 30 جنوري تي پھرين ميچ سان ٿيندي. ٻي ٽي-20 ميچ پھرين فيبروري تي جڏھن ته ٽئين ۽ آخري ٽي-20 ميچ 3 فيبروري تي کيڏي ويندي. ٽي-20 ميچن جي سيريز جون ٽئي ميچون پالي ڪيلي ۾ کيڏيون وينديون.

مزید خبریں