آمريڪي ٽينس اسٽار ڪوڪوگف شاندار ڪارڪردگي سبب آسٽريلين اوپن ويمنز سنگلز ٽئين رائونڊ ۾ پهچي وئي

ميلبورن-21 جنوري (اي پي پي) آمريڪا جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر 3 ڪوڪوگف پنهنجي ڪاميابين کي برقرار رکندي آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي  ٽئين رائونڊ ۾ پهچي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب 21 سالن جي آمريڪي ٽينس اسٽار ڪوڪوگف ويمنز سنگلز ٻي رائونڊ ميچ ۾ مخالف رانديگر اولگا دا نيلووچ کي اسٽريٽ سيٽس ۾ شڪست ڏني. آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ جاري 114 هين ميگا …

ميلبورن-21 جنوري (اي پي پي) آمريڪا جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر 3 ڪوڪوگف پنهنجي ڪاميابين کي برقرار رکندي آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي  ٽئين رائونڊ ۾ پهچي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب 21 سالن جي آمريڪي ٽينس اسٽار ڪوڪوگف ويمنز سنگلز ٻي رائونڊ ميچ ۾ مخالف رانديگر اولگا دا نيلووچ کي اسٽريٽ سيٽس ۾ شڪست ڏني. آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ جاري 114 هين ميگا ايونٽ ۾ گذريل ڏينهن کيڏيل ويمنز سنگلز مقابلن جي ٻئي رائونڊ ميچ ۾ 21 سالن جي آمريڪي ٽينس اسٽار ڪوڪوگف انتهائي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي سربين مخالف رانديگر اولگا دا نيلو وچ کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-2 ۽ 6-2 تان هارائي ٽئين رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو، جتي ڪوڪوگف جو ٽئين رائونڊ ۾ مقابلو هم وطن مخالف رانديگر هيلي بپٽسٽ سان ٿيندو. 21 سالن جي ڪوڪوگف انهي هاف ۾ عالمي نمبر ون آريانا سبالينڪا سان موجود آهي ۽ ٻنهي وچ ۾ سيمي فائنل ۾ امڪاني ٽڪرءُ متوقع آهي.

مزید خبریں