لاهور- 20 جنوري (اي پي پي) آءِ سي سي امپائرز ايڪسچينج پروگرام تحت ويسٽ انڊيز جو امپائر ڪرس ٽيلر پاڪستان پهچي ويو. ڪرس ٽيلر پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ون جي ٽن فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ آن فيلڊ امپائر طور فرض انجام ڏيندو. 45 ورهين جي ڪرس ٽيلر جو تعلق جميڪا سان آهي ۽ هن وقت تائين 5 ويمنز ون ڊي انٽرنيشنل ۽ ٽي ويمنز ٽي 20 انٽرنيشنل ميچن ۾ امپائرنگ ڪري …
ويسٽ انڊيز جو امپائر ڪرس ٽيلر پاڪستان پهچي ويو

مزید خبریں
لاهور- 20 جنوري (اي پي پي) آءِ سي سي امپائرز ايڪسچينج پروگرام تحت ويسٽ انڊيز جو امپائر ڪرس ٽيلر پاڪستان پهچي ويو. ڪرس ٽيلر پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ون جي ٽن فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ آن فيلڊ امپائر طور فرض انجام ڏيندو. 45 ورهين جي ڪرس ٽيلر جو تعلق جميڪا سان آهي ۽ هن وقت تائين 5 ويمنز ون ڊي انٽرنيشنل ۽ ٽي ويمنز ٽي 20 انٽرنيشنل ميچن ۾ امپائرنگ ڪري چڪو آهي. ان کانسواءِ ڪرس ٽيلر 41 فرسٽ ڪلاس، 56 لسٽ اي ۽ 53 ٽي 20 ميچن ۾ به امپائرنگ جو تجربو رکي ٿو.











