سريلنڪا ۽ انگلينڊ  جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهريون ون ڊي 22 جنوري کان کيڏيو ويندو

ڪولمبو -19 جنوري (اي پي پي) سريلنڪا ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ 22 جنوري کان آرپريما داسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب انگلينڊ جي مردن واري قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني پنهنجي سريلنڪا جي دوري تي ميزبان ٽيم خلاف 3 هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن ۽ 3 ٽي -ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي …

ڪولمبو -19 جنوري (اي پي پي) سريلنڪا ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ 22 جنوري کان آرپريما داسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب انگلينڊ جي مردن واري قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني پنهنجي سريلنڪا جي دوري تي ميزبان ٽيم خلاف 3 هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن ۽ 3 ٽي -ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچن جي شروعات 22 جنوري کان ٿيندي، ٻي ون ڊي انٽرنيشنل ميچ 24 جنوري تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 27 جنوري تي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي جنهن کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي- ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 30 جنوري تي  کيڏي ويندي، ٻي ٽي -ٽوئنٽي ميچ پهرين فيبروري جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽي -ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ 3 فيبروري تي کيڏي ويندي. سموريون ٽي – ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون پالي ڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.

مزید خبریں