افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران رانديگرن لاءِ غير ملڪي ٽي – 20 ليگز تي پابندي جو فيصلو

ڪابل-15 جنوري (اي پي پي) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) هڪ نئين پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت افغان ڪرڪيٽرز کي هڪ سال ۾ وڌ کان وڌ 3 غير ملڪي ٽي 20 ليگز ۾ شرڪت جي اجازت هوندي. اي ايس پي اين موجب اهو فيصلو ڪابل ۾ منعقد بورڊ جي سالياني اجلاس دوران ڪيل اهم پاليسي فيصلن ۾ شامل آهي. اي سي بي پاران جاري بيان موجب …

ڪابل-15 جنوري (اي پي پي) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) هڪ نئين پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت افغان ڪرڪيٽرز کي هڪ سال ۾ وڌ کان وڌ 3 غير ملڪي ٽي 20 ليگز ۾ شرڪت جي اجازت هوندي. اي ايس پي اين موجب اهو فيصلو ڪابل ۾ منعقد بورڊ جي سالياني اجلاس دوران ڪيل اهم پاليسي فيصلن ۾ شامل آهي. اي سي بي پاران جاري بيان موجب اهو قدم رانديگرن جي جسماني فٽنيس ۽ ذهني صحت جي تحفظ لاءِ کنيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته رانديگر هاڻ افغانستان پريميئر ليگ (اي پي ايل) کان علاوه ساليانو صرف 3 عالمي ليگز ۾ حصو وٺي سگهندا ته جيئن ڪم جي دٻاءُ کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ قومي ذميدارين لاءِ بهترين ڪارڪردگيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي. افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ اهو به اعلان ڪيو آهي ته بورڊ جي نئين 5 ٽيمن تي ٻَڌل فرنچائيز ٽي 20 ليگ آڪٽوبر 2026ع تائين گڏيل عرب امارتن ۾ شروع ڪئي ويندي جيڪا مستقبل ۾ افغان ڪرڪيٽ جي ڍانچي جو اهم هوندي. ان فيصلي سان افغانستان جي اسٽار اسپنر راشد خان جهڙا رانديگر مالي طور متاثر ٿي سگهن ٿا. راشد خان جيڪو ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ آهي. هن وقت مختلف عالمي فرنچائيز ليگز ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ آءِ پي ايل، ايس اي 20، آءِ ايل ٽي 20 ۽ ميجر ليگ ڪرڪيٽ شامل آهن. نئين پاليسي موجب نور احمد، مجيب الرحمان، اي ايم غضنفر ۽ رحمان الله گرباز جهڙن ٻين رانديگرن تي به لاڳو ٿي سگهي ٿي جيڪي سڄي دنيا جي فرنچائيز ليگز ۾ چڱي خاصي گُهر رکن ٿا. واضح رهي ته ٻيا ڪرڪيٽ بورڊز به پنهنجي رانديگرن جي فرنچائيز ليگز ۾ شرڪت تي حد مقرر ڪن ٿا. مثال طور پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي رانديگرن کي پاڪستان سپر ليگ کان علاوه صرف 2 غير ملڪي ليگز ۾ شرڪت جي اجازت ڏين ٿا. افغانستان جي ايندڙ بين الاقوامي مصروفيت گڏيل عرب امارتن ۾ ويسٽ انڊيز خلاف 3 ٽي 20 ميچز جي سيريز آهي جنهن کانپوءِ ٽيم 2026ع ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جو رُخ ڪندي. تجزيي نگارن موجب اي سي بي جو هي فيصلو ڊگهي مُدي جي بنياد تي قومي ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي حڪمت عمليءَ جو حصو آهي، جڏهن ته ان تي رانديگرن ۽ فرنچائيز ليگز طرفان ردِعمل اڃا اچڻو آهي.

مزید خبریں