پي سي بي ٽي – 20 سيريز لاءِ ٽڪيٽن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

لاهور-15 جنوري (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) آسٽريليا خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي -20 سيريز جي ٽڪيٽن جي وڪري بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ آن لائن ٽڪيٽن جو وڪرو اڄ جمعي کان شروع ٿيندو، جنهن لاءِ ويب سائيٽ استعمال ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته فزيڪل ٽڪيٽون سومر 19 جنوري کان سڄي ملڪ جي ٽي سي ايس ايڪسپريس سينٽرز تي دستياب هونديون. …

لاهور-15 جنوري (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) آسٽريليا خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي -20 سيريز جي ٽڪيٽن جي وڪري بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ آن لائن ٽڪيٽن جو وڪرو اڄ جمعي کان شروع ٿيندو، جنهن لاءِ ويب سائيٽ استعمال ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته فزيڪل ٽڪيٽون سومر 19 جنوري کان سڄي ملڪ جي ٽي سي ايس ايڪسپريس سينٽرز تي دستياب هونديون. پهرين ٽي -20 ميچ لاءِ فضل محمود ۽ عمران اڪلوزرز جون ٽڪيٽون 800 روپين ۾ دستياب هونديون جڏهن ته راجا ۽ سعيد احمد انڪلوزرز جون ٽڪيٽون 600 ۾ وڪرو ڪيون وينديون، عبدالحفيظ ڪاردار، عبدالقادر، جاويد ميانداد ۽ سرفراز نواز انڪلوزرز (فرسٽ ڪلاس) جون ٽڪيٽون 500 روپيا ۽ حنيف محمد، امتياز احمد، انضمام الحق ۽ سعيد احمد انڪلوزرز لاءِ ٽڪيٽون 400 روپين ۾ حاصل ڪري سگهجن ٿيون، اقبال اينڊ جي وي آءِ پي انڪلوزرز (وقار يونس ۽ وسيم اڪرم) لاءِ ٽڪيٽون 1500 روپيا جڏهن ته جناح اينڊ جي وي آءِ پي انڪلوزرز (ماجد خان ۽ ظهير عباس) جون ٽڪيٽون 2 هزار روپين ۾ وڪرو ڪيون وينديون. پهرين ميچ لاءِ هاسپيٽيلٽي گئلري جي ٽڪيٽ جو اگهه 5 هزار روپيا مقرر ڪيو ويو آهي ٻئين ۽ ٽيئن ٽي -20 ميچ لاءِ وي آءِ پي انڪلوزرز جا ٽڪيٽ هزار روپيا، پريميم انڪلوزرز جا ٽڪيٽ 700 روپيا، فرسٽ ڪلاس جون ٽڪيٽون 600 روپين ۽ جنرل انڪلوزر جون ٽڪيٽون 500 روپين ۾ دستياب هونديون. آخري ٻنهي ميچن لاءِ هاسپيٽيلٽي گئلري جي ٽڪيٽ جي قيمت 6 هزار روپيا مقرر ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ اقبال اينڊ جي 24 سيٽر هاسپيٽيلٽي باڪس ۾ هڪ سيٽ پهرين ميچ لاءِ 20 هزار روپيا جڏهن ته ٻي ۽ ٽئين ميچ لاءِ 25 هزار روپين ۾ دستياب هونديون.

مزید خبریں