لاهور-15 جنوري (اي پي پي)پاڪستان جي ٽيم آءِ سي سي مينز انڊر - 19 ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ پنهنجي مهم جي شروعات اڄ جمعي تي انگلينڊ خلاف ميچ سان ڪندي. اها ميچ هراري جي تاڪا شنگا اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏي ويندي.پاڪستان انڊر - 19 ٽيم ان کان اڳ 2004ع ۽ 2006ع ۾ آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ کٽي چڪي آهي ۽ هن ايونٽ ۾ ٽيون عالمي اعزاز حاصل …
آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊڪپ لاءِ پاڪستان جي ٽيم پنهنجي مهم جي شروعات (اڄ) انگلينڊ خلاف ميچ سان ڪندي

مزید خبریں
لاهور-15 جنوري (اي پي پي)پاڪستان جي ٽيم آءِ سي سي مينز انڊر – 19 ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ پنهنجي مهم جي شروعات اڄ جمعي تي انگلينڊ خلاف ميچ سان ڪندي. اها ميچ هراري جي تاڪا شنگا اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏي ويندي.پاڪستان انڊر – 19 ٽيم ان کان اڳ 2004ع ۽ 2006ع ۾ آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ کٽي چڪي آهي ۽ هن ايونٽ ۾ ٽيون عالمي اعزاز حاصل ڪرڻ جي خواهشمند آهي. انڊر -19 ورلڊ ڪپ 15 جنوري کان 6 جنوري تائين نميبيا ۽ زمبابوي ۾ کيڏيو پيو وڃي.گروپ سي ۾ شامل پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ 19 جنوري تي اسڪاٽ لينڊ خلاف جڏهن ته آخري گروپ ميچ 22 جنوري تي ميزبان زمبابوي خلاف کيڏندي. سپر سڪس مرحلو 24 جنوري کان پهرين فيبروري تائين هراري ۽ بلاوايو ۾ ٿيندو، جنهن کانپوءِ سيمي فائنلز 3 ۽ 4 فيبروري، جڏهن ته فائنل 6 فيبروري تي هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيو ويندو.











