فيفا ورلڊ ڪپ جي ٽڪيٽن لاءِ 211 ملڪن مان 50 ڪروڙ درخواستون مليون

زيورخ - 15 جنوري (اي پي پي) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا اعلان ڪيو آھي ته ھلندڙ سال ٿيندڙ 23 فيفا ورلڊ ڪپ جي ٽڪيٽن لاءِ سڄي دنيا مان غير معمولي دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي آھي ۽ 211 ملڪن ۽ خطن مان 50 ڪروڙ کان وڌيڪ درخواستون مليون آھن، جڏھن ته ٽڪيٽن جي وڌيڪ قيمتن تي تڪرار به جاري آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ميگا ايونٽ آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ …

زيورخ – 15 جنوري (اي پي پي) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا اعلان ڪيو آھي ته ھلندڙ سال ٿيندڙ 23 فيفا ورلڊ ڪپ جي ٽڪيٽن لاءِ سڄي دنيا مان غير معمولي دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي آھي ۽ 211 ملڪن ۽ خطن مان 50 ڪروڙ کان وڌيڪ درخواستون مليون آھن، جڏھن ته ٽڪيٽن جي وڌيڪ قيمتن تي تڪرار به جاري آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ميگا ايونٽ آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ منعقد ٿيندو، جڏھن ته ٽڪيٽن جي الاٽمينٽ لاءِ قرعه اندازي (لاٽري) ۾ شامل ٿيندڙ درخواستن جي وصولي اڱاري تي بند ڪئي وئي  ھئي. فيفا جي بيان مطابق ميزبان ملڪن کان علاوه سڀ کان وڌيڪ ٽڪيٽن جون درخواستون جرمني، انگلينڊ، برازيل، اسپين، پرتگال، ارجنٽينا ۽ ڪولمبيا مان مليون. صدر جياني انفانٽينو چيو آھي ته رڳو ھڪ مھيني کان گھٽ عرصي ۾ 50 ڪروڙ ٽڪيٽن لاءِ درخواستون فنٽبال جي راند سان عالمي دلچسپي جو ھڪ واضح اظھار آھي. ٻئي پاسي، فيفا کي 48 ٽيمن تي ٻڌل ان ورلڊ ڪپ لاءِ ٽڪيٽن جي قيمتن تي سخت تنقيد کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. مداحن جي تنظيمن قميتن کي انتھائي مھانگو قرار ڏنو آھي. فٽبال اسپورٽرز يورپ (ايف ايس اي) مطابق ٽڪيٽن جون قيمتون 2022ع جي قطر ورلڊ ڪپ جي ڀيٽ ۾ اٽڪل پنج سيڪڙو وڌيڪ آھن. ان تنقيد کانپوءِ فيفا ڊسمبر ۾ گھٽ قيمتن واريون ٽڪيٽون متعارف ڪرايون، جنھن جي قيمت 60 آمريڪي ڊالر (51 يورو) مقرر ڪئي وئي آھي ته جئين وڌ کان وڌ مداحن کي ميچ ڏسڻ جو موقعو ملي سگھي.

مزید خبریں