انڊر – 19 مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ (اڄ) زمبابوي ۽ نميبيا ۾ گڏيل طور شروع ٿيندو

لاھور - 14 جنوري (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام ھيٺ آءِ سي سي انڊر 19- مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي شروعات اڄ 15 جنوري کان ٿيندي،زمبابوي ۽ نميبيا ۾ گڏيل طور تي شروع ٿيندڙ ورلڊ ڪپ 6 فيبروري 2026ع تائين کيڏيو ويندو. ٽورنامينٽ ۾ 16 ٽيمن حصو ورتو آھي، جن کي 4 مختلف گروپن ۾ ورھايو ويو آھي. ورلڊ ڪپ ۾ مجموعي طور 41 ميچون کيڏيون وينديون. …

لاھور – 14 جنوري (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام ھيٺ آءِ سي سي انڊر 19- مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي شروعات اڄ 15 جنوري کان ٿيندي،زمبابوي ۽ نميبيا ۾ گڏيل طور تي شروع ٿيندڙ ورلڊ ڪپ 6 فيبروري 2026ع تائين کيڏيو ويندو. ٽورنامينٽ ۾ 16 ٽيمن حصو ورتو آھي، جن کي 4 مختلف گروپن ۾ ورھايو ويو آھي. ورلڊ ڪپ ۾ مجموعي طور 41 ميچون کيڏيون وينديون. اھو ٽورنامينٽ پھريون ڀيرو زمبابوي ۽ نميبيا ۾ کيڏيو ويندو ۽ ھن ڀيري به ساڳيو فارميٽ بر قرار رکيو ويو آھي، 16 ٽيمن کي 4 گروپن ۾ ورھايو ويو آھي، جڏھن ته پھرين مرحلي کانپوءِ رڳو 4 ٽيمون ٻاھر ٿينديون جڏھن ته باقي 12 ٽيمون سپر سڪس مرحلي ۾ جاءِ ٺاهينديون. سپر سڪس ۾ ٽيمن کي 2 گروپن ۾ ورھايو ويندو، جتي ھر گروپ جون ٽاپ 2 ٽيمون سيمي فائنل ۾ پھچنديون. گروپ اي ۾ ڀارت، نيوزيلينڊ، آمريڪا ۽ بنگلاديش، گروپ بي ۾ پاڪستان، انگلينڊ، زمبابوي ۽ اسڪاٽ لينڊ، گروپ سي ۾ آسٽريليا، سريلنڪا، آئرلينڊ ۽ جاپان شامل آھن، جڏھن ته گروپ ڊي ۾ ڏکڻ آفريقا، ويسٽ انڊيز، تنزانيه ۽ افغانستان جون ٽيمون آمھون سامھون ٿينديون.

مزید خبریں