ميڊرڊ _13 جنوري (اي پي پي ) سيلٽا ويگو اسپينش فٽ بال ليگ لاليگا جي پنهنجي 19 هين ميچ ۾ سيويلا کي شڪست ڏئي ٽيبل تي ستين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق سيلٽاويگو جي ٽيم سخت مقابلي بعد سيويلا جي ٽيم کي 0-1 گول تائين هارائي ڇڏيو .اها سيلٽاويگو جي اسپينش ليگ لاليگا ۾ ستين ڪاميابي آهي . سيلٽا ويگو طرفان مارڪوس الونسو فيصلائتو گول ڪري …
اسپينش لاليگا ۾ سيلٽاويگو جي ٽيم هٿان سيويلا جي ٽيم کي سخت مقابلي بعد 0-1 گول تان شڪست

مزید خبریں
ميڊرڊ _13 جنوري (اي پي پي ) سيلٽا ويگو اسپينش فٽ بال ليگ لاليگا جي پنهنجي 19 هين ميچ ۾ سيويلا کي شڪست ڏئي ٽيبل تي ستين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق سيلٽاويگو جي ٽيم سخت مقابلي بعد سيويلا جي ٽيم کي 0-1 گول تائين هارائي ڇڏيو .اها سيلٽاويگو جي اسپينش ليگ لاليگا ۾ ستين ڪاميابي آهي . سيلٽا ويگو طرفان مارڪوس الونسو فيصلائتو گول ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان ڪاميابي بعد فاتح ٽيم قيمتي 03 پوائنٽس حاصل ڪرڻ سان گڏ ٽيبل تي ستين پوزيشن حاصل ڪري ورتيآهي. اسپينش ليگ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو اسپين ۾ جاري آهي جنهن ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ شاندار مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.











