برسبين - 12 جنوري (اي پي پي ) روس جي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ڊينيل مدويديف اي ٽي پي برسبين انٽرنيشنل ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتي. 29 سالن جي روس جي رانديگر ڊينيئل مدويديف مينز سنگلز مقابلن جي فائينل ميچ ۾ آمريڪي مخالف رانديگر برينڊن ناڪشيما کي شڪست ڏئي اي ٽي پي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. ان ڪاميابي کان پوءِ ٽاپ سيڊڊ ڊينيئل مدويديف جي اي ٽي …
ڊينيئل مدويديف برسبين انٽرنيشنل ٽينس مينز سنگلز ٽائٽل کٽي ورتو

مزید خبریں
برسبين – 12 جنوري (اي پي پي ) روس جي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ڊينيل مدويديف اي ٽي پي برسبين انٽرنيشنل ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتي. 29 سالن جي روس جي رانديگر ڊينيئل مدويديف مينز سنگلز مقابلن جي فائينل ميچ ۾ آمريڪي مخالف رانديگر برينڊن ناڪشيما کي شڪست ڏئي اي ٽي پي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. ان ڪاميابي کان پوءِ ٽاپ سيڊڊ ڊينيئل مدويديف جي اي ٽي پي ٽائيٽلز جو انگ 22 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هلندڙ سال جو پهريون اي ٽي پي برسبين انٽرنيشنل ٽينس ٽورنامينٽ آسٽريليا جي مشهور شهر برسبين ۾ جاري هو، جنهن ۾ ٽينس جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ مليا. ڪوئينز لينڊ ٽينس سينٽر ۾ کيڏيل مردن جي سنگلز مقابلن جي فائينل ميچ ۾ 29 سالن جي روس جي رانديگر اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ڊينيئل مدويديف شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي آمريڪي مخالف رانديگر برينڊن ناڪشيما کي ٽائي بريڪ تي اسٽريٽ سيٽس ۾ هارائي ٽورنامينٽ کٽي ورتي.











