آريانا سبالينڪا برسبين انٽر نيشنل ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو

 برسبين-12 جنوري (اي پي پي ) بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر ون آريانا سبالينڪا يوڪرين جي مخالف ٽينس رانديگرياڻي مارتاڪوسٽيوڪ کي شڪست ڏئي ڊبليو ٽي اي برسبين انٽرنيشنل ٽينس ٽورنامينٽ جو وومينز سنگلز ٽائيٽل کٽي ورتو . پرڏيهي ميڊيا مطابق 27 سالن جي آريانا سبالينڪا وومينز سنگلز مقابلن جي فائينل ميچ ۾ يوڪرين جي مارتوڪوسٽيوڪ کي اسٽريٽ سيٽس ۾ شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کٽي ورتو. اهو هلندڙ سال …

 برسبين-12 جنوري (اي پي پي ) بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر ون آريانا سبالينڪا يوڪرين جي مخالف ٽينس رانديگرياڻي مارتاڪوسٽيوڪ کي شڪست ڏئي ڊبليو ٽي اي برسبين انٽرنيشنل ٽينس ٽورنامينٽ جو وومينز سنگلز ٽائيٽل کٽي ورتو . پرڏيهي ميڊيا مطابق 27 سالن جي آريانا سبالينڪا وومينز سنگلز مقابلن جي فائينل ميچ ۾ يوڪرين جي مارتوڪوسٽيوڪ کي اسٽريٽ سيٽس ۾ شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کٽي ورتو. اهو هلندڙ سال جو پهريون ڊبليو ٽي اي برسبين انٽرنيشنل ٽينس ٽورنامينٽ آسٽريليا جي مشهور شهر برسبين ۾ جاري هو، جنهن ۾ ٽينس جي شوقينن کي سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ مليا. ڪوئينز لينڊ ٽينس سينٽر جي هارڊ ڪورٽ تي کيڏيل وومينز سنگلز مقابلن جي فائينل ميچ ۾ بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر ون آريانا سبالينڪا انتهائي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي يوڪرين جي مخالف رانديگرياڻي مارتوڪوسٽيوڪ کي اسٽريٽ سيٽس ۾ هارائي ڪري ٽورنامينٽ کٽي ورتي . عالمي نمبر ون ٽينس اسٽار آريانا سبالينڪا برسبين انٽر نيشنل جي فائينل ۾ يوڪرين جي مارتاڪوسٽيوڪ کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. 

مزید خبریں