پاڪستان انڊر 16 فٽبال ٽيم جي تاريخي ڪاميابي، قازقستان ۾ پهريون ڀيرو يوئيفا مقابلي ۾ شرڪت

اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) پاڪستان فٽبال هڪ نئين ۽ تاريخي دؤر ۾ داخل ٿيڻ وڃي رهيو آهي، جتي ملڪ جي انڊر 16 مردن جي قومي فٽبال ٽيم پهريون ڀيرو يوئيفا سان رٿيل عالمي ايونٽ ۾ شرڪت ڪندي. اهي ميچز هلندڙ سال 24 کان 30 اپريل تائين قازقستان ۾ کيڏيا ويندا. هي تاريخي اڳڀرائي پاڪستان جي يوٿ فٽبال پروگرام لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏني پئي وڃي ۽ …

اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) پاڪستان فٽبال هڪ نئين ۽ تاريخي دؤر ۾ داخل ٿيڻ وڃي رهيو آهي، جتي ملڪ جي انڊر 16 مردن جي قومي فٽبال ٽيم پهريون ڀيرو يوئيفا سان رٿيل عالمي ايونٽ ۾ شرڪت ڪندي. اهي ميچز هلندڙ سال 24 کان 30 اپريل تائين قازقستان ۾ کيڏيا ويندا. هي تاريخي اڳڀرائي پاڪستان جي يوٿ فٽبال پروگرام لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏني پئي وڃي ۽ ان سان پاڪستان فٽبال فيڊريشن (پي ايف ايف) جي سڌارن تي ٻَڌل نئين سوچ ۽ عالمي سطح تي بحاليءَ جي ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو. هي ڪاميابي پي ايف ايف جي صدر سيد محسن گيلاني جي اڳواڻيءَ ۾ ممڪن ٿي، جنهن جي دؤر ۾ منظم رٿابندي، گورننس، سڌارن ۽ نوجوان رانديگرن کي عالمي موقعا فراهم ڪرڻ تي خصوصي توجهه ڏني وئي. پي ايف ايف جي عملدارن موجب يوئيفا مقابلي جي دعوت کي پاڪستان فٽبال جي ساک لاءِ هڪ وڏو اعتماد قرار ڏنو پيو وڃي. خاص ڪري گراس روٽس ۽ يوٿ ليول تي اعليٰ معيار جي عالمي مخالفن خلاف کيڏڻ سان نوجوان پاڪستاني رانديگرن کي قيمتي تجربو حاصل ٿيندو جيڪو سندن فني ۽ حڪمت عملي جي صلاحيتن ۾ نمايان بهتري آڻڻ ۾ مددگار ٿيندو. اهي قدم پي ايف ايف جي وسيع تر حڪمت عمليءَ جو حصو آهن جنهن جو مقصد علائقائي سطح کان اڳتي وڌي مسلسل ۽ معياري مقابلن ذريعي قومي فٽبال ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ آهي. يوئيفا ۽ ٻين عالمي فيڊريشنز سان رابطن ذريعي پي ايف ايف ترقياتي خال کي گهٽ ڪرڻ ۽ مستقبل جي قومي رانديگرن کي ايليٽ فٽبال لاءِ تيار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. پي ايف ايف جي هڪ عهديدار چيو ته هي صرف هڪ ٽورنامينٽ ۾ شرڪت نه پر پاڪستان فٽبال جي عزم ۽ مستقبل جي رُخ جو واضح اعلان آهي. اهو موقعو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ڪيترن ئي سالن جي انتظامي مشڪلاتن ۽ اڪيلائيءَ کانپوءِ پاڪستان کي عالمي فٽبال برادريءَ ۾ ٻيهر تسليم ڪيو پيو وڃي. انڊر 16 ٽيم جي اها شرڪت پاڪستان فٽبال جي گورننس تي وڌندڙ اعتماد جي علامت سمجهي پئي وڃي، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پي ايف ايف ۽ ان جي قيادت ڊگهي مُدي جي منصوبا بندي، نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ۽ عالمي تعاون لاءِ سنجيده آهي. پي ايف ايف عهديدار وڌيڪ چيو ته جڏهن پاڪستاني نوجوان رانديگر يورپي سطح تي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا ته اهو هڪ تاريخي دؤر نه صرف ايندڙ نسل لاءِ همٿائيندڙ ثابت ٿيندو پر ان يقين کي به مضبوط ڪندو ته پاڪستان منظم ترقي ۽ عالمي رابطن ذريعي عالمي فٽبال ۾ مستقل طور پنهنجي جاءِ ٻيهر حاصل ڪري سگهي ٿو.

مزید خبریں