لاهور-08 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ هن سيزن کان حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ جون ٽيمون شامل ٿينديون، جيڪي ليگ جي ستين ۽ اٺين ٽيم بڻجي وينديون. اسلام آباد ۾ پي ايس ايل جي ٻن نَون ٽيمن جي نيلاميءَ ۾ غير متوقع طور واڪ وڌي ويا ۽ آمريڪا جي ايوي ايشن ۽ هيلٿ ڪيئر ڪمپني (ايف ڪي ايس) ۽ حقيقي ڪنسورشيم OZ Developers ٽيمون حاصل ڪيون. ايف ڪي …
پاڪستان سپر ليگ ۾ هلندڙ سيزن کان حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ ٻه نيون ٽيمون شامل ٿينديون

مزید خبریں
لاهور-08 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ هن سيزن کان حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ جون ٽيمون شامل ٿينديون، جيڪي ليگ جي ستين ۽ اٺين ٽيم بڻجي وينديون. اسلام آباد ۾ پي ايس ايل جي ٻن نَون ٽيمن جي نيلاميءَ ۾ غير متوقع طور واڪ وڌي ويا ۽ آمريڪا جي ايوي ايشن ۽ هيلٿ ڪيئر ڪمپني (ايف ڪي ايس) ۽ حقيقي ڪنسورشيم OZ Developers ٽيمون حاصل ڪيون. ايف ڪي ايس حيدرآباد جي ٽيم 1.75 ارب رپيا (6.2 ملين آمريڪي ڊالرن) ۾ خريد ڪئي جڏهن ته OZ Developers سيالڪوٽ جي ٽيم 1.85 ارب رپيا (6.55 ملين آمريڪي ڊالرن) ۾ کٽي ورتي، جيڪا پي ايس ايل جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ فرنچائيز فيس آهي. پهرين ٽيم لاءِ بيس پرائيس 1.1 ارب رپيا مقرر هئي، جيڪا هر سال فرنچائيز کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي ادا ڪرڻي هوندي آهي پر واڪ جلدي وڌي ويا. ايف ڪي ايس جي سي اِي او فواد سرور 1.4 ارب رپين کان واڪ شروع ڪئي ۽ آءِ ٽو سي نالي فنانشل ٽيڪنالاجي ڪمپني سان مقابلي کانپوءِ آخرڪار 1.75 ارب رپين ۾ حتمي واڪ ٿي. ڄاڻايل رقم فني طور 2018ع ۾ ملتان سلطانز لاءِ ادا ڪيل قيمت کان گهٽ هئي پر هن وقت پي سي بي ڊالر جي شرح کي گهٽ رکڻ سبب ايف ڪي ايس سڀ کان وڌيڪ سالياني فيس ڏيندڙ فرنچائيز هئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. حيدرآباد جي ٽيم جي فيس موجوده پي ايس ايل ٽيمن جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، جتي سڀ کان وڌيڪ فيس لاهور قلندرز ادا ڪري ٿي جيڪا 670 ملين رپيا آهي، ان جي مقابلي ۾ حيدرآباد جي فيس تقريبن 3 ڀيرا وڌيڪ آهي، يعني لاهور، ڪراچي ۽ پشاور جي فيسن جي مجموعي برابر ٻي ٽيم لاءِ بيس پرائيس 1.7 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي ۽ واڪ ۾ صرف ڪجهه ٽيمن حصو ورتو. شروعاتي طور تي ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني جاز ۽ سولر انرجي سيڪٽر جي ناليواري ڪمپني انويريڪس کي کٽڻ جو امڪان هو پر انهن واڪ ۾ حصو نه ورتو. Oz Group جنهن جو سي اي او حمزه مجيد آهي. آءِ ٽو سي جو وڏو مخالف ثابت ٿيو ۽ 1.85 ارب رپين جي واڪ لڳائي سيالڪوٽ جي ٽيم حاصل ڪئي. اهڙيءَ طرح سيالڪوٽ جي ٽيم به پي ايس ايل جي تاريخ جي سڀ کان مهانگي فرنچائيز بڻجي وئي، جڏهن ته موجوده 5 فرنچائيز جون قيمتون 370 ملين کان 670 ملين رپيا (1.2 کان 2.4 ملين آمريڪي ڊالر) جي وچ ۾ آهن. پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي ٻنهي ٽيمن جي مالڪن کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته هي ٻئي مالڪ صرف پنهنجي فرنچائيز جا محافظ ناهن پر پاڪستان ڪرڪيٽ جا به محافظ آهن. ايندڙ سال گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻي ٽيم وِڪري لاءِ پيش ڪئي ويندي. پي سي بي هن سيزن لاءِ ملتان سلطانز هلائي رهيو آهي ۽ بعد ۾ ان کي وڪري لاءِ پيش ڪندو. هن ٽيم جي اڳوڻي مالڪ علي ترين ان نيلاميءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ منظور ٿيل واڪ ڏيندڙ هو پر آخري لمحي ۾ هن حصو نه ورتو ۽ اعلان ڪيو ته جڏهن ملتان فرنچائيز ٻيهر وڪري لاءِ ايندي ته هو خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. پي ايس ايل جو 11هون ايڊيشن هلندڙ سال 26 مارچ کان 3 مئي تائين منعقد ٿيندو.











