پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻي ٽي – 20 ميچ (اڄ) کيڏي ويندي

لاهور-08 جنوري(اي پي پي)پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي - 20 انٽرنيشنل سيريز جي ٻي ميچ (اڄ) جمعي تي دمبولا ۾ کيڏي ويندي. قومي ٽيم کي سيريز ۾ ميزبان ٽيم خلاف 0-1 جي برتري حاصل آهي. ٽئين ۽ آخري ٽي - 20 ميچ 11 جنوري تي دمبولا ۾ ئي کيڏي ويندي. ميچ مقامي وقت مطابق شام جو 7 وڳي شروع ٿيندي. ٻئي ٽيمون …

لاهور-08 جنوري(اي پي پي)پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي – 20 انٽرنيشنل سيريز جي ٻي ميچ (اڄ) جمعي تي دمبولا ۾ کيڏي ويندي. قومي ٽيم کي سيريز ۾ ميزبان ٽيم خلاف 0-1 جي برتري حاصل آهي. ٽئين ۽ آخري ٽي – 20 ميچ 11 جنوري تي دمبولا ۾ ئي کيڏي ويندي. ميچ مقامي وقت مطابق شام جو 7 وڳي شروع ٿيندي. ٻئي ٽيمون اهم مقابلي لاءِ ڀرپور تياري ڪري چڪيون آهن ۽ مداحن کي هڪ سخت مقابلي جي اميد آهي. پاڪستان جي 15 رڪني اسڪواڊ ۾ سلمان علي آغا (ڪپتان)، عبدالصمد، ابرار احمد، فهيم اشرف، فخر زمان، خواجه نافع (وڪيٽ ڪيپر)، محمد نواز، محمد سلمان مرزا، محمد وسيم جونيئر، صاحبزاده فرحان (وڪيٽ ڪيپر)، سائم ايوب، شاداب خان، عثمان خان (وڪيٽ ڪيپر) ۽ عثمان طارق شامل آهن.

مزید خبریں