35 هون آفريقا ڪپ آف نيشنز جو ڪوارٽر فائنل مرحلو 9 جنوري کان شروع ٿيندو

 رباط-08 جنوري (اي پي پي) ڪنفيڊريشن آف آفريقن فٽ بال جي اهتمام هيٺ 35 هين آفريقا ڪپ آف نيشنز جي ڪوارٽر فائنل لائن اپ مڪمل ٿي وئي آهي. مالي، سينيگال، ڪيمرون، مراڪش، الجيريا، نائيجيريا، مصر ۽ دفاعي چيمپيئن آئيوري ڪوسٽ جون ٽيمون ٽاپ ايٽ رائونڊ ۾ پهچي چڪيون آهن. 35 هين آفريقا ڪپ آف نيشنز جي ناڪ آئوٽ رائونڊ جا دلچسپ مقابلا مراڪش ۾ جاري آهن. آفريقا ڪپ آف نيشنز …

 رباط-08 جنوري (اي پي پي) ڪنفيڊريشن آف آفريقن فٽ بال جي اهتمام هيٺ 35 هين آفريقا ڪپ آف نيشنز جي ڪوارٽر فائنل لائن اپ مڪمل ٿي وئي آهي. مالي، سينيگال، ڪيمرون، مراڪش، الجيريا، نائيجيريا، مصر ۽ دفاعي چيمپيئن آئيوري ڪوسٽ جون ٽيمون ٽاپ ايٽ رائونڊ ۾ پهچي چڪيون آهن. 35 هين آفريقا ڪپ آف نيشنز جي ناڪ آئوٽ رائونڊ جا دلچسپ مقابلا مراڪش ۾ جاري آهن. آفريقا ڪپ آف نيشنز جو ڪوارٽر فائنل رائونڊ 9 جنوري کان شروع ٿيندو. آفريقا ڪپ آف نيشنز جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ جون پهريون 2 ميچون 9 جنوري تي کيڏيون وينديون. پهرين ڪوارٽر فائنل ميچ مالي ۽ سينيگال جي ٽيمن وچ ۾ تانگير گرينڊ اسٽيڊيم، تانگير ۾ کيڏي ويندي. انهي ڏينهن ٻئي ڪوارٽر فائنل ميچ ڪيمرون ۽ ميزبان مراڪش جي ٽيمن وچ ۾ پرنس مولائي عبدالله اسٽيڊيم، رباط ۾ کيڏي ويندي. آفريقا ڪپ آف نيشنز جي ٽين ڪوارٽر فائنل ميچ 10 جنوري تي الجيريا ۽ نائيجيريا جي ٽيمن وچ ۾ مراڪش اسٽيڊيم، مراڪش ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ڪوارٽر فائنل ميچ به 10 جنوري تي مصر ۽ دفاعي چيمپئن آئيوري ڪوسٽ جي ٽيمن وچ ۾ ادارار اسٽيڊيم، اگادير ۾ کيڏي ويندي.  

مزید خبریں