لاهور -07 جنوري(اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) جو ٻه ٽيمون وڪرو ڪرڻ لاءِ نيلامي جو عمل 8 جنوري خميس ڏينهن اسلام آباد ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندو. پي ايس ايل ليگ کي 6 بدران 8 ٽيمن تائين وڌايو پيو وڃي. پي سي بي مطابق ٻن نئين فرنچائيز لاءِ واڪ جو فني جائزو مڪمل ٿي ويو آهي. ڪامياب پارٽيون راولپنڊي، حيدرآباد، فيصل آباد، گلگت، مظفرآباد ۽ سيالڪوٽ مان نالو چونڊ …
پي ايس ايل جي ٻن ٽيمن جي نيلامي اڄ ٿيندي: پي سي بي ترجمان

مزید خبریں
لاهور -07 جنوري(اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) جو ٻه ٽيمون وڪرو ڪرڻ لاءِ نيلامي جو عمل 8 جنوري خميس ڏينهن اسلام آباد ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندو. پي ايس ايل ليگ کي 6 بدران 8 ٽيمن تائين وڌايو پيو وڃي. پي سي بي مطابق ٻن نئين فرنچائيز لاءِ واڪ جو فني جائزو مڪمل ٿي ويو آهي. ڪامياب پارٽيون راولپنڊي، حيدرآباد، فيصل آباد، گلگت، مظفرآباد ۽ سيالڪوٽ مان نالو چونڊ ڪري سگهن ٿيون. پي ايس ايل جي سي اي او سلمان نصير هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي ڀرپور دلچسپي سٺو سنئوڻ آهي. پي سي بي اختيارين جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل جي واڌ جو فيصلو ليگ جي وڌندڙ مقبوليت، مالي استحڪام ۽ عالمي سطح تي وڌندڙ اعتماد کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. نئين ٽيمن جي مالڪن کي 10 سالن لاءِ مالڪي جا حق ڏنا ويندا. جنهن کي ليگ جي مستقبل لاءِ اهم قدم تصور ڪيو پيو وڃي. واڪ ۾ شرڪت لاءِ ڪيترن ئي مشهور ڪاروباري گروپن ۽ ڪمپنين جن ۾ ٽيلي ڪام، ريئل اسٽيٽ، ٽيڪنالاجي ۽ توانائي جي شعبن سان تعلق رکندڙ سيڙپڪار شامل آهن. پي ايس ايل 2026ع جي شروعات 26 مارچ کان ٿيندي ۽ فائنل 3 مئي تي کيڏيو ويندو.











