ٽه ملڪي انڊر 19 ڪرڪيٽ ون ڊي سيريز پاڪستان افغانستان کي 133 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

هراري-02 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ٽه ملڪي انڊر 19 ڪرڪيٽ ون ڊي سيريز ۾ افغانستان کي 133 رنسن تان شڪست ڏئي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جتي سندس مقابلو 6 جنوريءَ تي زمبابوي انڊر 19 سان ٿيندو. خبر موجب ڪالهه سن رائز اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان انڊر 19 ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 238 …

هراري-02 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ٽه ملڪي انڊر 19 ڪرڪيٽ ون ڊي سيريز ۾ افغانستان کي 133 رنسن تان شڪست ڏئي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جتي سندس مقابلو 6 جنوريءَ تي زمبابوي انڊر 19 سان ٿيندو. خبر موجب ڪالهه سن رائز اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان انڊر 19 ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 238 رنسون ٺاهيون. سمير منهاس 56 رنسن جي عمده اننگز کيڏي. ٻين بيٽرز ۾ عثمان خان 43 ۽ علي حسن 39 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. افغانستان طرفان سلمان خان احمدزئي ۽ زيت الله شاهين 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ افغانستان جي ٽيم پاڪستاني بالرز آڏو بيوس نظر آئي ۽ 30.2 اوورز ۾ 105 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڪپتان محبوب خان 29 رنسن سان نمايان رهيو. پاڪستان طرفان عمر زيب شاندار بالنگ ڪندي 5 وڪيٽون حاصل ڪيون. مؤمن قمر ۽ احمد حسين 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ان سيريز ۾ پاڪستان انڊر 19 جي ٻي ڪاميابي آهي. پاڪستان ٽيم آچر تي پنهنجو آخري ليگ ميچ زمبابوي انڊر 19 خلاف کيڏندو، ان کان اڳ پاڪستان افغانستان خلاف هڪ وڪيٽ تان فتح حاصل ڪئي هئي، جڏهن ته زمبابوي خلاف ان جو ميچ برسات سبب ملتوي ڪئي وئي هئي.

مزید خبریں