نيشنل ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ مردن جو ٽائيٽل پاڪستان آرمي ۽ عورتن جو پاڪستان واپڊا کٽي ورتو

اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي)53 هين نيشنل ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ مردن جو ٽائيٽل پاڪستان آرمي ۽ عورتن جو ٽائيٽل پاڪستان واپڊا کٽي ورتو آهي. ايشيا ايٿليٽڪس فيڊريشن جي نائب صدر ۽ ڏکڻ ايشين ايٿليٽڪس فيڊريشن جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) محمد اڪرم ساهي ۽ ايٿليٽڪس فيڊريشن آف پاڪستان جي صدر برگيڊيئر (ر) وجاهت حسين رانديگرن ۾ انعام ورهايا. گذريل ڏينهن جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ 53 هين نيشنل …

اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي)53 هين نيشنل ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ مردن جو ٽائيٽل پاڪستان آرمي ۽ عورتن جو ٽائيٽل پاڪستان واپڊا کٽي ورتو آهي. ايشيا ايٿليٽڪس فيڊريشن جي نائب صدر ۽ ڏکڻ ايشين ايٿليٽڪس فيڊريشن جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) محمد اڪرم ساهي ۽ ايٿليٽڪس فيڊريشن آف پاڪستان جي صدر برگيڊيئر (ر) وجاهت حسين رانديگرن ۾ انعام ورهايا. گذريل ڏينهن جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ 53 هين نيشنل ايٿليٽڪس چيمپئن شپ جا مقابلا ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتا. چيمپئن شپ ۾ مردن جا 24 ۽ عورتن جا 21 ايونٽس منعقد ٿيا. مردن جي مقابلي ۾ پاڪستان آرمي ۽ عورتن جي مقابلي ۾ پاڪستان واپڊا جي رانديگرن ڪاميابي ماڻي. مردن جي مقابلي ۾ پاڪستان آرمي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي جڏهن ته پاڪستان واپڊا ۽ پاڪستان نيوي جي رانديگرن ترتيبوار ٻي ۽ ٽئين پوزيشن تي رهيا. اهڙي طرح عورتن جي مقابلي ۾ پاڪستان واپڊا پهرين پوزيشن حاصل ڪئي جڏهن ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ پاڪستان آرمي جي رانديگرن ترتيبوار ٻئين ۽ ٽئين نمبر تي رهيا. چيمپئن شپ ۾ سڄي ملڪ مان مردن ۽ عورتن جي ٽيمن حصو ورتو جن ۾ پاڪستان آرمي، پاڪستان ايئر فورس، پاڪستان نيوي، پاڪستان واپڊا، پاڪستان ريلوي، پاڪستان پوليس، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، پنجاب، خيبرپختونخواهه، سنڌ، بلوچستان، اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جون ٽيمون شامل هيون.

مزید خبریں