پاڪستان سپر ليگ نئين ڏهاڪي ۾ نئين سفر لاءِ تيار آهي: ترجمان

لاهور – 01 جنوري (اي پي پي) ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل) هڪ ڏهاڪو مڪمل ڪري ورتو. پي ايس ايل جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ نئين ڏهاڪي ۾ نئين سفر لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ايڇ بي ايل پاڪستان جي سڃاڻپ آهي. عالمي ڪرڪيٽرز ايڇ بي ايل کيڏڻ لاءِ پرجوش آهن جيڪو پاڪستان سپر ليگ جي عالمي مقبوليت جو ثبوت آهي. …

لاهور – 01 جنوري (اي پي پي) ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل) هڪ ڏهاڪو مڪمل ڪري ورتو. پي ايس ايل جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ نئين ڏهاڪي ۾ نئين سفر لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ايڇ بي ايل پاڪستان جي سڃاڻپ آهي. عالمي ڪرڪيٽرز ايڇ بي ايل کيڏڻ لاءِ پرجوش آهن جيڪو پاڪستان سپر ليگ جي عالمي مقبوليت جو ثبوت آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان سپر ليگ ڏکيائين باوجود مداحن جون دليون کٽيون. 11 هين ايڊيشن ۾ 2 نيون ٽيمون شامل ٿيون جن جي نيلامي 8 جنوري 2026ع تي اسلام آباد ۾ ٿيندي. لنڊن ۽ نيويارڪ ۾ ڪامياب روڊ شوز سان عالمي سيڙپڪارن به ليگ ڏانهن ڌيان ڏنو. ايڇ بي ايل پي ايس ايل نئين ڏهاڪي ۾ به عالمي معيار جي ڪرڪيٽ فراهم ڪندي.

مزید خبریں