فيفا ۽ دبئي اسپورٽس ڪائونسل وچ ۾ تاريخي شراڪتداري دنيا جي بھترين فٽبالرز لاءِ نئين سالياني ايوارڊز تقريب منعقد ڪرڻ جو اعلان

دبئي - 30 ڊسمبر (اي پي پي) فيفا ۽ دبئي اسپورٽس ڪائونسل فٽبال دنيا جي بھترين رانديگرن ۽ شخصيتن کي نوازڻ لاءِ ھڪ نئين سالياني عالمي ايوارڊز جي تقريب منعقد ڪرڻ جو معاھدو ڪيو آھي. دبئي ۾ جاري ورلڊ اسپورٽس سمٽ دوران ان مفاھمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون ويون، جنھن مطابق 2026ع  کان دبئي ۾ ان نئين باضابطه عالمي تقريب جي شروعات ڪئي ويندي. ان تاريخي اعلان جي موقعي تي …

دبئي – 30 ڊسمبر (اي پي پي) فيفا ۽ دبئي اسپورٽس ڪائونسل فٽبال دنيا جي بھترين رانديگرن ۽ شخصيتن کي نوازڻ لاءِ ھڪ نئين سالياني عالمي ايوارڊز جي تقريب منعقد ڪرڻ جو معاھدو ڪيو آھي. دبئي ۾ جاري ورلڊ اسپورٽس سمٽ دوران ان مفاھمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون ويون، جنھن مطابق 2026ع  کان دبئي ۾ ان نئين باضابطه عالمي تقريب جي شروعات ڪئي ويندي. ان تاريخي اعلان جي موقعي تي دبئي جي ولي عھد، گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ دفاع وارو وزير شيخ حمدان بن محمد بن راشد آل مڪتوم به موجود ھئا. فيفا جي صدر جياني انفينٽينو ۽ دبئي اسپورٽس ڪائونسل جي چيئرمين شيخ منصور بن محمد بن راشد آل مڪتوم ان عزم جو اظھار ڪيو ته اھي ايوارڊز فٽبال جي دنيا جي سڀ کان معتبر ۽ واحد سرڪاري اعزاز هوندا، جنھن ۾ ميدان اندر ۽ ٻاھر بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي عالمي سطح تي ساراھيو ويندو. فيفا جي صدر جياني انفينٽينو ان موقعي تي چيو ته دبئي ھڪ اھڙو شھر آھي جيڪو فٽبال سان محبت ڪري ٿو ۽ اسان ھتي ھڪ عالمي معيار جي تقريب جي تياري ڪرڻ لاءِ پرجوش آھيون. ھن جو چوڻ ھو ته اھا رڳو ھڪ تقريب ناھي بلڪه فٽبال جي عظمت ۽ سڄي سال جي بھترين ڪاميابين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ھڪ جديد طريقو ھوندو.

مزید خبریں