اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگدن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي کي ساراهيو ۽ 5 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت تي کين خراج تحسين پيش ڪيو. محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف وقت سر ۽ موثر ڪارروائي ڪري هڪ وڏو خطرو ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن …
وفاقي وزير محسن نقوي پاران ڪوهلو ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه

مزید خبریں
اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگدن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي کي ساراهيو ۽ 5 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت تي کين خراج تحسين پيش ڪيو. محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف وقت سر ۽ موثر ڪارروائي ڪري هڪ وڏو خطرو ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن سان علائقي ۾ امن امان جي صورتحال مستحڪم ٿي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون اهي ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن ۽ قوم هر وقت پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن سيڪيورٽي فورسز جي قرباني واري جذبي ۽ پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي خاطري ڪرائي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هر ممڪن قدم جاري رکندا.










