اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر جي پاڪستان جي دوري کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ پراڻي دوستي جو هڪ روشن مثال قرار ڏنو پيو وڃي. اهو دورو ان ڳالهه جو عڪاس آهي ته پاڪستان ۽ يو اي اي جا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيا آهن. تفصيل موجب يو اي اي جي صدر جي …
گڏيل عرب امارات جي صدر جي پاڪستان جي دوري کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ پراڻي دوستي جو هڪ روشن مثال قرار ڏنو پيو وڃي

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر جي پاڪستان جي دوري کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ پراڻي دوستي جو هڪ روشن مثال قرار ڏنو پيو وڃي. اهو دورو ان ڳالهه جو عڪاس آهي ته پاڪستان ۽ يو اي اي جا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيا آهن. تفصيل موجب يو اي اي جي صدر جي پاڪستان اچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز هوائي اڏي تي سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٿيندڙ پرخلوص آجيان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بي مثال رابطن ۽ ويجهي لاڳاپن جي واضح تصوير پيش ڪري ٿو. تقريب دوران چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز پاران پيش ڪيل سليوٽ جي جواب ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر جو گرمجوشي سان جوابي سليوٽ پڻ خاص ڌيان جو مرڪز رهيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻي رشتي، گڏيل احترام ۽ اعتماد جو مظهر آهي. سياسي مبصرن موجب يو اي اي جي صدر جو اهو دورو نه رڳو سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيندو پر اقتصادي، دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون جا نوان موقعا پڻ پيدا ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي سڌوسنئون فائدو پهچندو.










