انصاف تائين برابر ۽ وقت سر پهچ آئيني ذميواري آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان

اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس يحيٰ آفريدي خيبرپختونخوا جي ڏورانهن ضلعن ۾ بنيادي عدالتي سهولتن کي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انصاف تائين برابر ۽ وقت سر پهچ آئيني ذميواري آهي، جنهن لاءِ جديد، عوام دوست ۽ خاص ڪري عورتن لاءِ موزون عدالتي انفرا اسٽرڪچر جو قيام اڻٽر بڻجي چڪو آهي. سپريم ڪورٽ پاران جاري بيان موجب …

اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس يحيٰ آفريدي خيبرپختونخوا جي ڏورانهن ضلعن ۾ بنيادي عدالتي سهولتن کي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انصاف تائين برابر ۽ وقت سر پهچ آئيني ذميواري آهي، جنهن لاءِ جديد، عوام دوست ۽ خاص ڪري عورتن لاءِ موزون عدالتي انفرا اسٽرڪچر جو قيام اڻٽر بڻجي چڪو آهي. سپريم ڪورٽ پاران جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن پشاور ۾ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان تحت رٿيل اعليٰ سطحي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري، ناڻي واري سيڪريٽري، رٿابندي ۽ ترقي واري سيڪريٽري، قانون واري سيڪريٽري ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري شرڪت ڪئي. چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ عدالتي ڍانچي جي ڪمزوري شهرين جي بنيادي حقن کي حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ آهي ان لاءِ علائقائي عدم توازن جي خاتمي لاءِ هدفي ۽ پائيدار قدم ضروري آهن. هن چيو ته آئنده بڻجندڙ عدالتي ڪامپليڪسز ۾ جديد عوامي سهولت جا مرڪز، صنفي حساس ماحول ۽ عورت دوست سهولتن کي ترجيح ڏني ويندي. اجلاس کي لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي انتظام هيٺ ايڪسس ٽو جسٽس ڊولپمينٽ فنڊ تحت جاري منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. ٻڌايو ويو ته عدالتي ڪامپليڪسز ۾ قائم بار رومز کي به انهن سهولتن جو حصو بڻايو ويو آهي جن ۾ سولرائزيشن، اي لائبريريز، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ عورتن لاءِ مخصوص سهولتون شامل آهن، جن جي نشاندهي اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ ڪئي وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا ۾ انهن منصوبن جي مجموعي لاڳت 68 ڪروڙ 80 لک روپيا آهي جن مان 39 ڪروڙ روپيا لا اينڊ جسٽس ڪميشن ۽ گرانٽ ان ايڊ تحت فراهم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته باقي رقم صوبائي حڪومت ادا ڪندي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عورتن بابت سهولتون پنهنجي وسيلن مان مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جڏهن ته چيف سيڪريٽري ٻين سهولتن لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اجلاس ۾ سکهه دا ويهڙا جي نالي سان خاندان ۽ عورتن لاءِ ون ونڊو سهولت مرڪز جي قيام تي به غور ڪيو ويو جنهن کي عدالتي ڪامپليڪسز جي اندر يا ويجهو قائم ڪيو ويندو. پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پشاور ۽ سوات ۾ قائم فيملي ڪورٽ بلاڪس جو حوالو ڏيندي ڊويزنل هيدڪوارٽرز ۾ داسر سوري جي نالي سان ان قسم جا سهولت مرڪز قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني جنهن کي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ٻن ڊويزنن ۾ پائليٽ طور شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. اجلاس دوران حساس علائقن ۾ ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن آفيسرن لاءِ وڊيو لنڪ سهولتن جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته جتي فوري ضرورت هجي اتي اهي سهولتون فوري فراهم ڪيون وڃن. اجلاس جي پڄاڻي تي عدليه ۽ صوبائي حڪومت ان عزم کي ورجايو ته عدالتي انفرا اسٽرڪچر کي جديد رخن سان هم هموار ڪيو ويندو ۽ عوامي سهولتن ۾ واڌ ڪئي ويندي ۽ آئيني گهرجن موجب خيبرپختونخوا جي هر شهري کي انصاف تائين هڪجهڙي پهچ فراهم ڪئي ويندي.

مزید خبریں