پشاور-26 ڊسمبر (اي پي پي) سيفران، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ملڪ جي ترقي لاءِ وڏا فيصلا پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دور ۾ ٿيا، پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ ۽ موٽر ويز جو ڄار وڇائڻ جهڙا قدم به انهي دور ۾ عمل آيا، اڄ صوبي جا سرڪاري وسيلا اسلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ ۽ نفرت پکيڙڻ لاءِ استعمال ٿي رهيا …
ملڪ جي بهتري لاءِ وڏا فيصلا مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دور ۾ ٿيا: امير مقام

مزید خبریں
پشاور-26 ڊسمبر (اي پي پي) سيفران، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ملڪ جي ترقي لاءِ وڏا فيصلا پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دور ۾ ٿيا، پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ ۽ موٽر ويز جو ڄار وڇائڻ جهڙا قدم به انهي دور ۾ عمل آيا، اڄ صوبي جا سرڪاري وسيلا اسلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ ۽ نفرت پکيڙڻ لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن جنهن جو هڪ ڏينهن حساب ڏيڻو پوندو. اهڙو اظهار هن مردان ۾ شموليتي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. جنهن ۾ مردان جي مشهور شخصيت ملڪ بشير خان پنهنجي سوين ساٿين سميت مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.وفاقي وزير امير مقام ملڪ بشير خان ۽ سندس ساٿين کي پارٽي جي قيادت طرفان ڀليڪار چيو ۽ کين پارٽي ۾ شموليت تي مبارڪون ڏنيون.هن چيو ته ملڪ بشير خان اهم عهدن تي رهيو آهي، مان پنهنجي طرفان ۽ پارٽي جي قائد ميان محمد نواز شريف جي قافلي جو حصو بڻجڻ تي سندن ٿورو مڃان ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن ماضي کي ڏسنداسين ته اهو ظاهر ٿيندو ته ملڪ ۽ ان جي عوام جي بهتري لاءِ جيڪي به وڏا فيصلا ٿيا، جيڪي وڏا انقلابي قدم کنيا ويا اهي مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دور ۾ ٿيا.










