اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي خيبرپختونخوا جي ضلعي لڪي مروت جي علائقي تختي خيل ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن طرفان ڪيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. گهرو وزير حملي جي نتيجي ۾ هڪ شهري جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. محسن نقوي حملي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران لڪي مروت ۾ فتنه الخوارج جي حملي جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي خيبرپختونخوا جي ضلعي لڪي مروت جي علائقي تختي خيل ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن طرفان ڪيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. گهرو وزير حملي جي نتيجي ۾ هڪ شهري جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. محسن نقوي حملي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير پوليس جي وقت سر ۽ موثر ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته خيبرپختونخوا پوليس 5 خوارجي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري سندس ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو.










