اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان انتهائي خوشگوار ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڪستان کي گڏيل عرب امارات سان پراڻي، مضبوط ۽ ڀائراڻي لاڳاپن تي فخر آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پنهنجي ڀاءُ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن …
گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان انتهائي خوشگوار ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان انتهائي خوشگوار ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڪستان کي گڏيل عرب امارات سان پراڻي، مضبوط ۽ ڀائراڻي لاڳاپن تي فخر آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پنهنجي ڀاءُ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جو پاڪستان جي سرڪاري دوري تي استقبال ڪرڻ منهنجي لاءِ خوشي جوڳو هو، جيڪو نئين سال جي شروعات جي موقعي تي خوشين ۽ گرمجوشي ۾ اضافي جو سبب بڻيو. هن چيو ته اسان انتهائي خوشگوار ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران ٻطرفي تعاون جي مختلف شعبن کانسواءِ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي گڏيل عرب امارات سان پنهنجي پراڻي، مضبوط ۽ ڀائراڻي لاڳاپن تي فخر آهي جيڪي منهنجي عزيز ڀاءُ شيخ محمد بن زايد النهيان جي سرپرستي ۾ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن.










