پاڪستان ۾ معاشي استحڪام سان ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي چڪو، ان جو عملي ثبوت پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تازي غير معمولي ڪارڪردگي آهي : معاشي ماهر

اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ معاشي استحڪام طرف اڳڀرائي سان گڏوگڏ ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ٿيندو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي جنهن جو عملي ثبوت پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تازي غير معمولي ڪارڪردگي آهي، حڪومتي سطح تي ڪيل معاشي سڌارن وارا قدم، مالياتي نظم ۽ ضبط ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار پاليسين سبب اسٽاڪ مارڪيٽ نئين تاريخي بلندين کي ڇُهي رهيو آهي، …

اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ معاشي استحڪام طرف اڳڀرائي سان گڏوگڏ ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ٿيندو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي جنهن جو عملي ثبوت پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تازي غير معمولي ڪارڪردگي آهي، حڪومتي سطح تي ڪيل معاشي سڌارن وارا قدم، مالياتي نظم ۽ ضبط ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار پاليسين سبب اسٽاڪ مارڪيٽ نئين تاريخي بلندين کي ڇُهي رهيو آهي، ڊسمبر 2025ع ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو جتي هن هڪ لک 72 هزار 107 پوائنٽس جي حد پار ڪري ويو. معيشت جي ماهرن موجب اهو سنگ ميل نه رڳو مارڪيٽ جي مضبوطي جي عڪاسي آهي پر ان ڳالهه جو به ثبوت آهي ته سيڙپڪار پاڪستان جي معاشي رخ تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن. انگن اکرن موجب جنوري 2025ع کان وٺي هن وقت تائين پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڊالر جي بنياد تي 47 سيڪڙو جڏهن ته مقامي ڪرنسي يعني روپئي جي بنياد تي 48 سيڪڙو تائين شاندار منافعو فراهم ڪيو آهي. گذريل ٻن سالن دوران مجموعي طور تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اٽڪل 300 تائين جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جنهن کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي عالمي سطح تي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اسٽاڪ مارڪيٽن جي پهرين صف ۾ ڳڻيو پيو وڃي. سيڙپڪارن جي وڌندڙ انگ به اعتماد جي بحالي جو اهم اهڃاڻ آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ايڪويٽي سيڙپڪارن جو انگ وڌي 4 لک 50 هزار تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته جون 2024ع کان نومبر 2025ع جي وچ ڌاري اٽڪل هڪ لک 20 هزار نوان سيڙپڪار مارڪيٽ ۾ داخل ٿيا. مجموعي طور تي عوامي سطح تي سيڙپڪاري ڪندڙن جو انگ 10 لک کان وڌي ويو آهي جيڪو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته عام شهري به سيڙپڪاري جي موقعن کي مثبت انداز ۾ ڏسي رهيا آهن. ڪاروباري منافعي جي حوالي سان به مثبت رجحان سامهون آيو آهي، جنوري کان سيپٽمبر 2025ع دوران ڪارپوريٽ سيڪٽر جي منافعي ۾ ساليانو بنيادن تي 14 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته جولاءِ کان سيپٽمبر جي ٽه ماهي ۾ اهو اضافو 9 سيڪڙو رهيو. معاشي ماهرن جو چوڻ ته ان بهتري جي بنيادي سببن ۾ منافعي جي شرح ۾ گهٽتائي، ناڻي واڌ ۾ اعتدال ۽ سيڙپڪاري لاءِ مستحڪم ماحول شامل آهن. اهڙي طرح ميوچل فنڊز جي شعبي ۾ به نمايان ترقي ڏسڻ ۾ آئي، ميوچل فنڊز جي مجموعي سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 4 کرب روپين کان وڌي چڪو آهي جيڪو ان ڳالهه جي نشاني آهي ته سيڙپڪار ڊگهي مدي ۽ محفوظ سيڙپڪاري جي ذريعن طرف تيزي سان راغب ٿي رهيا آهن. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومتي سڌارن جو اهو سلسلو جاري رهيو، مالياتي نظم ۽ ضبط برقرار رکيو ويو ته سيڙپڪار دوست پاليسيون تسلسل سان لاڳو ڪيون ويون ته پاڪستان جي معيشت ۾ وڌيڪ استحڪام ۽ پائيدار ترقي جا امڪان مضبوط ٿي سگهن ٿا، جنهن جو فائدو نه رڳو سيڙپڪارن پر مجموعي قومي معيشت کي به حاصل ٿيندو.

مزید خبریں