راولپنڊي – 26 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي راولپنڊي پهچي ويو، وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وفاقي وزيرن معزز مهمان جو استقبال ڪيو. شيخ محمد بن زايد النهيان پنهنجي جهاز مان ٻاهر آيو ته …
گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي راولپنڊي پهچي ويو، وزيراعظم محمد شهباز شريف استقبال ڪيو

مزید خبریں
راولپنڊي – 26 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي راولپنڊي پهچي ويو، وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وفاقي وزيرن معزز مهمان جو استقبال ڪيو. شيخ محمد بن زايد النهيان پنهنجي جهاز مان ٻاهر آيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ساڻس گرمجوشي سان هٿ ملايو. روايتي لباس پهريل ٻارن يو اي اي جي صدر کي گلدستو پيش ڪيو. ان موقعي تي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. يو اي اي جي صدر کي 21 توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي، جيئن ئي سندس جهاز پاڪستان جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيو ته جي ايف 17 ٿنڊر جهازن کيس سلامي ڏني. شيخ محمد بن زايد النهيان جي اعزاز ۾ نور خان ايئربيس تي باضابطا آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي، هٿياربند فوج جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو جنهن جو هن معائنو ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان تعارف ڪرايو جڏهن ته گڏيل عرب امارات جي صدر پنهنجي وفد جي ميمبرن کي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متعارف ڪرايو. ٻنهي ملڪن جا جهنڊا پڪڙيل ٻارن معزز مهمان کي ڀليڪار ڪيو، گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان ٻارن سان هٿ ملايو ۽ انهن سان شفقت جو اظهار ڪيو. دوري دوران گڏيل عرب امارات جو صدر وزيراعظم سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کانسواءِ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي.










