ڪراچي-25 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بنا فرق جي عوام کي عالمي معيار جي علاج جون سهولتون مفت فراهم ڪرڻ پيپلزپارٽي جو بنيادي منشور آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ عوامي حڪومت صحت جو هڪ اهڙو پائيدار ۽ مضبوط نيٽ ورڪ قائم ڪيو آهي جنهن جو مقابلو ڪنهن ٻي صوبي سان نه پر دنيا جي بهترين صحت جي نظام سان ڪري …
بلاول ڀٽو زرداري پاران انڊس يونيورسٽي اسپتال جي نئين عمارت جو افتتاح، عالمي معيار جون مفت صحت جون سهولتون پيپلزپارٽي جو منشور قرار

مزید خبریں
ڪراچي-25 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بنا فرق جي عوام کي عالمي معيار جي علاج جون سهولتون مفت فراهم ڪرڻ پيپلزپارٽي جو بنيادي منشور آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ عوامي حڪومت صحت جو هڪ اهڙو پائيدار ۽ مضبوط نيٽ ورڪ قائم ڪيو آهي جنهن جو مقابلو ڪنهن ٻي صوبي سان نه پر دنيا جي بهترين صحت جي نظام سان ڪري سگهجي ٿو. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري بيان موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي تعاون سان جديد طرز تي تعمير ٿيل انڊس يونيورسٽي اسپتال جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته ڪرسمس جي ڏينهن ان تاريخي منصوبي جو افتتاح هڪ خاص معنيٰ رکي ٿو ڇاڪاڻ ته سمورا مذهب اسان کي غريبن، بيمارن ۽ ڪمزور طبقن جو خيال رکڻ جو درس ڏين ٿا. هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت عوام کي بنا فرق جي عالمي سطح تي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته غريبن جو خيال رکڻ پيپلزپارٽي جو سياسي فلسفو آهي ۽ ڳڀو، لٽو ۽ اجهو رڳو نعرو ناهي پر هڪ منشور، نظريو ۽ سوچ آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت جي هيءَ بنيادي ذميواري آهي ته غريب ترين طبقن جي ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻائي. هن چيو ته سنڌ حڪومت انڊس اسپتال سان گڏوگڏ اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي، چائلڊ ويلفيئر فائونڊيشن ۽ اين آءِ سي ايڇ جهڙن ادارن جي تعاون سان صوبي ۾ صحت جو هڪ جامع نيٽ ورڪ جوڙيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته سڄي دنيا ۾ جڏهن دل جي مرض جي علاج جو ذڪر ٿئي ٿو ته اين آءِ سي وي ڊي جو نالو به ورتو ويندو آهي، جيڪا هن وقت دنيا جي سڀ کان وي مفت دل جي علاج جي اسپتال آهي. هن نشاندهي ڪئي ته سنڌ جي هڪ ننڍي تعلقي گمبٽ ۾ قائم اسپتال ۾ جديد علاج جون سهولتون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن.











