راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز گذريل ڏينهن بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جي موجودگي جي تصديق ٿيل اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ فتنه الهندستان جا 8 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آ) طرفان گذريل ڏينهن جاري ڪيل پريس رليز موجب آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن …
قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس بيسڊ آپريشن، فتنه الهندستان جا 8 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز گذريل ڏينهن بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جي موجودگي جي تصديق ٿيل اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ فتنه الهندستان جا 8 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آ) طرفان گذريل ڏينهن جاري ڪيل پريس رليز موجب آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي موثر طريقي سان نشانو بڻايو. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ فتنه الهندستان جي 8 دهشتگردن کي ماريو ويو. آپريشن دوران دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولابارود ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته علائقي ۾ ڪنهن به امڪاني ڀارتي سرپرست دهشتگرد جي موجودگي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس ۽ سينيٽائيزيشن آپريشنز جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا نيشنل ايڪشن پلان تحت فيڊرل اپيڪس ڪميٽي مان منظور ٿيل ويزن عزم استحڪام موجب دهشتگردي خلاف پنهنجون بنا فرق جي مسلسل ڪارروايون پوري قوت سان جاري رکندا، ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگردي جي ناسور جو مڪمل خاتمو ڪري سگهجي.











