راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڊيره اسماعيل خان ضلعي جي علائقي ڪلاچي ۾ ڪارروائي ڪندي ٻن خوارجين کي ماري ڇڏيو جن ۾ انتهائي گهربل خوارجي اڳواڻ دلاور به شامل آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر موجب) خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي ٺڪاڻي کي موثر طريقي …
سيڪيورٽي فورسز پاران ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ ڪارروائي، 2 خوارجي مارجي ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڊيره اسماعيل خان ضلعي جي علائقي ڪلاچي ۾ ڪارروائي ڪندي ٻن خوارجين کي ماري ڇڏيو جن ۾ انتهائي گهربل خوارجي اڳواڻ دلاور به شامل آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر موجب) خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي ٺڪاڻي کي موثر طريقي سان نشانو بڻايو، ڪارروائي جي نتيجي ۾ 2 خوارجي ماريا ويا، جن ۾ خوارجين جو اڳواڻ دلاور شامل هو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل خوارجي اڳواڻ دلاور قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪيترين ئي دهشتگرداڻين ڪارروائي ۾ گهربل هو ۽ حڪومت طرفان ان جي سر جي قيمت 40 لک روپيا مقرر ڪئي وئي هئي. آپريشن دوران مارجي ويل خوارجي جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو جيڪو سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث رهيو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته علائقي ۾ ڪنهن به ٻي ڀارتي حمايت يافته خوارجي جي موجودگي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس ۽ سينيٽائيزيشن آپريشنز جاري آهن. بيان ۾ چيو ويو ته قومي ايڪشن پلان تحت وفاقي اپيڪس ڪميٽي مان منظور ٿيل ويزن عزم استحڪام موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان پرڏيهي حمايت يافته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين پنهنجون ڀرپور ڪارروايون جاري رکندا.











